نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي واپسي فائنل آهي، شاندار آجيان ڪبي: شهباز شريف

لنڊن(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته  نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي واپسي فائنل آهي، شاندار آجيان ڪئي ويندي. لنڊن ۾ نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس دوران  ڏيهه واپسي ۽ چونڊن جي تيارين سوڌو ٻين معاملن تي صلاح مشورا، مشاورتي اجلاس ۾ شهباز شريف، اسحاق ڊار، سليمان شهباز ۽ ٻيا موجود هئا . ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو معمار آهي، سندس دور ۾ 20، 20 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي آهي. اربين ڊالرن جي سي پيڪ ۽ پاڪستان جي پنهنجي وسيلن مان 12 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي.   چونڊن ۾ نواز ليگ جي بيانيي بابت سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته نواز ليگ ملڪ ۾ ترقي جو سفر اڳتي وڌائيندي، اسان جو بيانيو پاڪستان جي خوشحالي آهي. مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته هو نواز شريف جي استقبال جي تيارين لاءِ 21 آڪٽوبر کان اڳ پرڏيهه سفر نه ڪن. جيڪي پارٽي اڳواڻ نواز شريف سان ملاقات لاءِ لنڊن اچي رهيا آهن اهي به پنهنجا پروگرام رد ڪري قائد اعظم جي استقبال لاءِ وقت وٺن. مسلم ليگ (ن) پنهنجي تڪن ۾ وقت ڏين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.