”پوڙها ٿي ويا آهيون“، پوڙهائپ جو احساس ڪرڻ بيمارين جو سبب آهي: تحقيق

آمريڪا ۾ هڪ تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيڪي ماڻهو پاڻ تي پوڙهو ٿيڻ جو احساس طاري ڪندا آهن، اهي ڊپريشن، ڊيمينشيا، هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي مرضن سميت مختلف ذهني ۽ جسماني بيمارين ۾ وڌيڪ مبتلا رهندا آهن.

اوريگون اسٽيٽ يونيورسٽي آمريڪا ۾ 52 کان 88 ورهين جي 105 ڄڻن تي ڪيل ان تحقيق ۾ 2010ع دوران ”پَلس“ (PULSE) نالي هڪ سروي ۾ اڌڙوٽن ۽ بزرگن جي ذهني ۽ جسماني صحت بابت گڏ ڪيل ڄاڻ مان فائدو ورتو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.