وڪيل جي ڳرين فيسن کان تنگ فريادي انصاف وٺڻ کان توبهه ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ هڪ فريادي وڪيل جي ڳرين فيسن کان تنگ اچي انصاف وٺڻ کان توبهه ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ ملڪيت جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فريادي کان پڇيو ته وڪيل ڪٿي آهي؟ جنهن تي فريادي صبغت الله چيو ته سپريم ڪورٽ جا وڪيل ڏاڍا مهانگا آهن.
فريادي چيف جسٽس کي چيو ته ڪيس کان توبهه ٿا ڪيون، ڪجهه ڌرين خلاف ڪيس واپس وٺڻ چاهيون ٿا ۽ ڪجهه سان ٺاهه ڪري ورتو آهي.
چيف جسٽس فريادي جي لکت بيان تي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.