اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته معيشت کي درست ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا،اسان جي اڳواڻن درست وقت تي درست فيصلا نه ڪيا، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت 261 ارب رپيا نوڪري پيشه ماڻهن کان وصول ڪيا پيا وڃن، اسان صوبن ۾ پراپرٽي ۽ زرعي ٽيڪس نه پيا لڳايون، صوبن جو فنڊ وڌيڪ آهي انهن کي زرعي ٽيڪس ۽ پراپرٽي ٽيڪس جي ضرورت نٿي پوي، جيستائين صاحب حيثيت ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندا ملڪ جون حالتون صحيح نه ٿينديون، هن چيو ته غريب پورو مهينو محنت ڪري ٿو پر ٻچن کي صحيح ماني نٿو کارائي سگهي، هن چيو ته هن سال ئي اسان کي اين ايف سي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، خرچ گهٽائڻا پوندا،پي ايس ڊي پي گهٽ ڪرڻو پوندو،هن چيو ته محنت ڪش ماڻهن تي ٽيڪس لڳائڻ سان پاڪستان وڌيڪ تنزلي جو شڪار ٿيندو، مهانگائي نوٽ ڇاپڻ جي ڪري آهي، اسان کي خسارو گهٽائڻو پوندو،