اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جو جسٽس سردار طارق مسعود اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي فون ڪال تي ناراض ٿي ويو. خط لکي پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪيو.نجي ٽي وي مطابق 5 سيپٽمبر تي ان وقت جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس سردار طارق کي فون ڪيو ۽ ٻڌايو ته سندس خلاف شڪايت ملي آهي، ان جو ڇا ڪجي؟جسٽس سردار طارق مسعود ٻئي ڏينهن خط لکي چيو ته توهان مون سان شڪايت جي ڳالهه ڪري مون کي شرمناڪ صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي. توهان کي مون سان ڳالهائڻ بدران سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن شڪايت موڪلڻ گهرجي هاهن خط ۾ وڌيڪ لکيو ته چيف جسٽس توهان اهو به پڇيو ته مسز آمنه ملڪ جي شڪايت تي ڇا ڪيو وڃي؟سردار طارق مسعود لکيو ته چيف جسٽس صاحب توهان لاءِ اهو مناسب نه هو ته منهنجي خلاف شڪايت تي مون سان ڳالهايو. جناب چيف جسٽس صاحب توهان مسز آمنه ملڪ جي شڪايت جوڊيشل ڪميشن آڏو اٿاريو. مان نه ٿو چاهيان ته مون تي توهان کان احسان وٺڻ جو هڪ وڌيڪ الزام لڳي وڃي