عمران کان بغير شفاف چونڊون ممڪن آهن: نگران وزيراعظم/عوام اهڙي غيرآئيني چونڊ قبول نه ڪندو: تحريڪ انصاف

لنڊن (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته شفاف چونڊون چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عمران خان يا جيل ڪاٽيندڙ پارٽي جي سوين ميمبرن کانسواءِ به ٿي سگھن ٿيون،پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جيل ڪاٽيندڙ پي ٽي آءِ چيئرمين ميمبرز ڀڃ ڊاهه جي غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هئا، پي ٽي آءِ ۾ شامل هزارين ماڻهو جيڪي غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ناهن اهي اليڪشن ۾ حصو وٺي سگھن ٿا،نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته فوج سان ويجهي واسطي جي ڳالهه سياست جو حصو آهي، ان تي ڌيان ناهيان ڏيندو، فوج ۽ وفاقي حڪومت جو واسطو گھڻو هموار، کليل ۽ شاف آهي،سندس چوڻ هو ته اسان سول ملٽري چئلينجز کي منهن ڏيندا رهندا آهيون جنهن کان انڪار ناهي، سول ملٽري لاڳاپن جي چئلينجز جا مختلف سبب آهن، ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران سول ادارن جي ڪارڪردگي خراب ٿي آهي،هن چيو ته مان عمران خان سميت ڪنهن سياستدان کان ذاتي انتقام تي عمل پيرا ناهيان، جيڪڏهن ڪو قانون ٽوڙڻ تي گرفت ۾ آيو آهي ته قانون جي بالادستي يقيني بڻائينداسين، چونڊون فوج يا نگران حڪومت نه اليڪشن ڪميشن کي ڪرائڻيون آهن، هن چيو ته اميد آهي ته عام چونڊون نئين سال ۾ ٿينديون، پي ٽي آءِ کي چونڊن ۾ کٽڻ کان روڪڻ لاءِ چونڊن ۾ فوج پاران ڌانڌلي جي ڳالهه غيرمعقول آهي، هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري ته چيئرمين پي ٽي آءِ وزيراعظم طور ڪئي هئي، چيف اليڪشن ڪمشنر عمران خان خلاف ڇو ٿيندو؟ نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته فوج سان ويجهي واسطي جي ڳالهه سياست جو حصو آهي، ان تي ڌيان ناهيان ڏيندو، فوج ۽ وفاقي حڪومت جو واسطو گھڻو هموار، کليل ۽ شاف آهي.سندس چوڻ هو ته اسان سول ملٽري چئلينجز کي منهن ڏيندا رهندا آهيون جنهن کان انڪار ناهي، سول ملٽري لاڳاپن جي چئلينجز جا مختلف سبب آهن، ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران سول ادارن جي ڪارڪردگي خراب ٿي آهي

 

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ طرفان عمران خان کان سواءِ منصفاڻي چونڊن جي حوالي سان ڏنل بيان تي پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان سخت رد عمل جو اظهار ڪيو ويو آهي.تحريڪ انصاف جي  ترجمان چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو بيان آئين، جمهوريت ۽ ملڪي مفادن جي حوالي سان رياستي ڍانچي ۾ ملندڙ عدم حساسيت جو مظهر آهي. تحريڪ انصاف پاڪستان جي سڀني کان وڏي سياسي پارٽي ۽ عمران خان مشهور سياسي اڳواڻ آهي. نگران وزيراعظم کي خبر هجڻ گهرجي ته عمران خان يا تحريڪ انصاف جي شموليت کان  سواءِ ڪرايل ڪابه اليڪشن غير آئيني، غيرقانوني ۽ غير اخلاقي هوندي جنهن کي عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو.تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته غير معمولي عوامي حمايت سان سياسي قيادت ۽ پارٽي جي مصنوعي، غير جمهوري ۽ غير آئيني طريقي سان چونڊ کان ٻاهر ڪرڻ جا نتيجا هميشه تباهي آڻيندڙ ٿيندا آهن. قانون موجب جمهوريت ۽ اخلاق نگران وزيراعظم کي سياست ۽ اليڪشن تي اثر انداز ٿيڻ جي غير فطري، غير جمهوري ۽ غير آئيني منصوبي جو حصو بنجڻ جي هرگز اجازت نٿو ڏئي.پي ٽي آءِ جي ترجمان وڌيڪ چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فوري طور تي پنهنجي ڏنل بيان جي وضاحت پيش ڪري ۽ چڙ ڏياريندڙ منصوبي کان پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور تي ڌار ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.