دنيا ۾ ھڪ وڏي سياسي اڳڀرائي ٿي رھي آھي.جنھن سان دنيا خاص طور تي وچ اوڀر جي سياست تي ديرپا اثر ٿيندا.سعودي عرب سان گڏوگڏ اٽڪل خطي جا اڌ درجن ملڪ خطي جي واحد ۽ يھودي رياست اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ڏانھن وڃي رھيا آھن.
چيو ٿو وڃي تھ ان سلسلي ۾ اسرائيل ۽ سعودي عرب جون ڪافي وقت کان ڳالھيون ٿي رھيون ھيون،جيڪي ھاڻي ميچوئرٽي جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آھن.اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل سعودي عرب سان امن معاهدو ڪري ٿو ته وڌيڪ ڇهه يا ست مسلمان ملڪ ان سان امن معاهدو ڪري سگهن ٿا.
پرڏيهي خابرو اداري يروشلم پوسٽ جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي پرڏيھي وزير جو اهڙو بيان جمعي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي خطاب کانپوءِ سامھون آيو آھي.ايلي ڪوهن موجب، سعودي عرب سان امن جو مطلب وسيع تر مسلم دنيا سان امن قائم ٿيڻ آهي.
اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو ته گهٽ ۾ گهٽ ڇهه يا ست ٻيا ملڪ آهن جن جي عملدران سان ھن ملاقات ڪئي آھي. اسان جا اهم مسلمان ملڪن سان لاڳاپا نه آهن جيڪي امن ۾ دلچسپي رکن ٿا.
رپورٽ موجب ايلي ڪوهن جو چوڻ هو ته اهي ملڪ آفريڪا ۽ ايشيا ۾ واقع آهن پر هن ملڪن جا نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي، چيو ته هن جو انهن مان ڪجهه ملڪن سان سڌو سنئون رابطو هو.
آمريڪي صدر جو بائيڊن سعودي عرب کي يهودين جي رياست کي تسليم ڪرڻ سفارتي فتح حاصل قرار ڏنو ھن جو چوڻ ھو تھ ان سان وچ اوڀر ۾ وڏي تبديلي ايندي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير ۾ بينجمن نتن ياهو چيو ھو ته کيس يقين آهي ته سندس ملڪ سعودي عرب سان تاريخي امن معاهدي جي تمام ويجهو آهي ۽ پيشنگوئي ڪئي ته اهو آمريڪي صدر جو بائيڊن جي ذريعي ٿي سگهي ٿو ۽ وچ اوڀر هڪ نئين شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو.
فلسطين کي سفارتڪاري ۾ شامل ڪرڻ تي سعودي ۽ آمريڪي زور ڀرڻ باوجود بينجمن نيتن ياهو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير دوران چيو ته فلسطين کي علائقائي ڊيل ٺاهڻ جي ويٽو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.گذريل هفتي، بينجمن نتن ياهو نيو يارڪ ۾آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ملاقات ڪئي ھئي ۽ جنھن ۾ سعودي عرب سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ آمريڪي حمايت جو معاملو اھم رھيو ھو.
سعودي عرب فلسطين جو هڪ وڏو حامي رهيو آهي ۽ بار بار چئي چڪو آهي ته هن کي اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ کان اڳ فلسطيني رياست کي ڏسڻ جي ضرورت آهي.آمريڪا پنهنجي روايتي اتحادي سعودي عرب تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته هو اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ هڪ معاهدي تي صحيح ڪري ھن کان اڳ سعودي گڏيل عرب امارات، بحرين ۽ مراڪش کانپوءِ ايران سان به اهڙا معاهدا ڪيا ويا آهن.