برهمڻ آباد حيدرآباد کان 70 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، برهمڻ آباد هن وقت ڦٽل، اجڙيل، ويران، ڳاڙهين سرون ۽ مٽيءَ جي ڍير جو بياباني علائقو آهي، جتي رڃ ۽ سڃ لڳي پئي آهي، اُتي پهچڻ بعد ايئن محسوس ٿيئي ٿو ته ڄڻ سوين صديون پوئتي ڌڪجي ڪنهن اڻڄاتل هنڌ پهتا آهيون، برهمڻ آباد جو ويرانو اٽڪل 4 ميلن ۾ پٿاريل آهي. سڄي جاءِ ٺڪرين سان ڀري پيئي آهي. انهن مان ڪي ڀِڙا 15 فوٽ کن اوچا آهن .
1982 ڌاري برهمڻ آباد تي سانگهڙ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچر سوسائٽي پاران عالمي طور تي سڏايل ڪانفرنس ۾ مختلف عالمن پاران پيش ڪيل مقالمن جي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته هي قديم آثار دلور جي دڙن جي نالي سان ضلع سانگهڙ جي اڳوڻي تعلقي سنجهوري ۽ هاڻوڪي تعلقي ڄام نواز علي ۾ هڪ وڏي ايراضي ۾ پکڙيل آهن، هنن دڙن کي عام طرح برهمڻ آباد ۽ منصوره پڻ سڏيو ويندو آهي.
عام طرح مقامي ماڻهو هنن آثارن کي “ دلور جا دڙا ” ڪري سڏيندا آهن. هتي موجود ڪنهن وڏي شهر جي تباهي جو سبب ان وقت جي حاڪم راجا دلورراءِ جي ظلمن ۽ سندس بزرگ ڀاءُ ڇُٽي امراڻي جي ڏنل پاراتي کي سمجهيو ويندو آهي. هن قسم جي روايت نه صرف هتي پر سنڌ جي ٻين به ڪيترن ڦٽل شهرن لاءِ مشهور آهي. 1954ع ۾ مسٽر اي-ايف بيلاسس ۽ سي- ڊبليو رچرڊسن هنن قديم آثارن تي اچي ڪجهه جاين تي کوٽائي ڪئي. سندن خيال موجب هي آثار قديم شهر برهمڻ آباد جا آهن جيڪو قلعو بند هو.
هي هڪ واپاري شهر هو. جنهن ۾ مختلف قسم جا دڪان ۽ فوجن جي رهڻ جون بيرڪون هيون، شهر اٽڪل چئن ميلن ۾ پکڙيل هو، برهمڻ آباد کان ڏيڍ ميل تي هتي جي آخري بادشاهه دلورراءِ جي رهائش هئي. پنج ميل وڌيڪ اوڀر طرف ڏيپر گهانگهري ۾ وزير اعظم رهندو هو. 1871ع ۾ اليگزينڊر ڪننگهام به هن جاءِ تي برهمڻ ۽ منصوره جي هجڻ جو حامي آهي. جيڪي ڌرتي ڌٻڻ سبب تباهه ٿي ويا. 1884ع ۾ جنرل ايم آر هيگ دلور جي دڙن کي عربن جو آباد ڪيل شهر منصوره قرار ڏنو.
1892ع ۾ راورٽي پنهنجي ڪتاب مهراڻ آف سنڌ ۾ مجمعل التواريخ جي نظريي جي حمايت ڪئي ته ايران جي بادشاهه بهمڻ سنڌ جي ٻڌ پرڳڻي جو علائقو فتح ڪري اتي هڪ شهر بهمڻ آباد جي نالي سان آباد ڪيو. ليمبرڪ ۽ ڊاڪٽر بلوچ انهي نظريي جي حمايت ڪئي ته هي آثار ان بهمڻ آباد جا آهن جنهن کي پوءِ برهمڻ آباد سڏيو ويو. 1895ع کان 1909ع جي وچ ۾ هينري ڪزنس هنن آثارن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ مختلف جاين تي کوٽائي ڪرڻ بعد اعلان ڪيائين ته پراڻي دريائي وهڪري جي پيٽ جي اوڀر طرف محفوظه جو شهر ۽ اولهه طرف برهمڻ آباد جو قديم شهر ۽ منصوره آهن.
1962ع کان 1965ع تائين ٿيل کوٽائي جي نتيجن ۾ محڪمه آثار قديمه جي نظرئي مطابق مسجد جي ڀر ۾ ٻانگ ڏيڻ وارو منارو ٻڌ اسٽوپا جي پراڻن آثارن مٿان قائم ڪيو ويو آهي ۽ برهمڻ آباد جي شهر مٿان منصوره آباد ٿيل ٿي سگهي ٿو. منصوره جي مسجد مان ڪجهه قرآن شريف جا سڙيل ورق ۽ ڪن گهرن مان سڙيل ڪاٺ ۽ ٻين شين جي ملڻ سان اهو اندازو لڳايو ويو ته شهر کي ڪنهن وقت باهه ڏيئي ساڙيو ويو آهي.
دلور جي دڙن تي ٿيل انهي ڪم کان سواءِ مشهور محققن حسام الدين راشدي ، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مير محمد بخش خان ٽالپر، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، محمد حسين پنهور، حامد علي خانائي ۽ ٻين ڪيترن پنهنجا رايا ڏنا آهن. هن وقت به برهمڻ آباد سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ايراضي رکندڙن قديمي ماڳن مان هڪ آهي.
هن قديمي ماڳ کي حڪومت سنڌ جي آرڪيالاجي کاتي هر دور ۾ مڪمل نظر انداز ڪيو آهي، هن ڦٽل ماڳ جي جيڪڏهن سٺي نموني طور تي سارسنڀال ڪئي وڃي ته عالمي طور تي تاريخ سان لڳاءُ رکندڙ شاگرد مختلف ملڪن مان اچي سگهن ٿا. هن ماڳ تي سواءِ هڪ نالي ماتر عجائب گهر تعمير ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته هي ميوزيم هن ماڳ برهمڻ آباد جي شروعات کان وٺي هن مهل تائين ٿيل کوٽائين مان هٿ آيل قيمتي شيون آڻي رکيون وينديون، ان سان گڏو گڏ هن ماڳ تي هڪ ٺُل زبون حالت ۾ بيٺل آهي پوئين دورن ۾ هن تي ڪم ٿيو پر جهڙو چئجي نه ٿي سگهيو.
2021 ۾ سائنسي طور ٿيل کوٽائي مان هٿ آيل تاريخي شيون به گم آهن هن ميوزيم ۾ نه رکيون ويون آهن نه ئي ڪا نئين ٿيل کوٽائي جو ڪو معلوماتي لٽريچر آرڪيالاجي کاتي پاران ڇپرايو ويو آهي جنهن سان تاريخي ۽ قديمي ماڳن جي بابت تعليم پرائيندڙ شاگرد هن قديمي ۽ تاريخي ماڳ جي معلومات ۽ علم جي حوالي سان بلڪل بي خبر آهن. آرڪيالاجي کاتي کي هن قديمي ماڳ جي سارسنڀال لهي قديم ماڳ کي جهڙي ريت سائنسي طور تي کوٽائي ڪري هن جي بيهڪ ۽ تاريخ هٿ ڪئي وئي آهي تيئن ئي هن ماڳ کي ساڳئي سائنسي اصولن مطابق عالمي طور جي سائيٽ بڻائي سنڌ جو نالو مشهور ڪيو وڃي.
سنڌ جي هن وڏي ۾ وڏي سائيٽ جي زمين تي مقامي ماڻهن قبضا پڻ ڪري روينيون کاتي ۾ جعلي کاتا پڻ ٺهرايا آهن جنهن جي جاچ ڪري قبضا فوري طور ختم ڪرايا وڃن. برهمڻ آباد جي هن سائيٽ جي چوڌاري حفاظت لاءِ لوهي گرل ڏياري وڃي. وزيٽرن لاءِ رهائش ۽ حفاظت جو جوڳو بندوبست ڪرڻ لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن. سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ آرڪيالاجي پڙهندڙن کي هن سائيٽ جي حوالي سان لازمي طور ٻڌايو وڃي. جيڪڏهن اسان هن تاريخي ماڳ کان هٿ چراند ڪندڙن کي نه روڪيو ۽ هن قديمي ماڳ کي بچائي نه سگهياسين ته تاريخ ميسارجي ويندي.