مارڪسي فڪر جو دور ختم نه ٿيو آهي: ساڃاهه وند

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد  پريس ڪلب ۾ روشن خيال فورم  حرف تنظيم طرفان تاريخدان عرفان حبيب جي لکيل ڪتاب هندوستان جي  تاريخ مارڪسي تناظر تي  ڪيل اڀياسي ويهڪ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي جي اڳواڻ تيمور رحمان چيو ته آئون اڄ گفتگو ٻڌي سچ به حيران ٿيو آهيان، سنڌ ۾ رهان ها ته سڌي ڳالهه رکان ها، لال بينڊ به نه ٺاهڻو پوي ها. هن چيو ته مارڪسي انڊين تاريخ ۾ وڏو آرٽ نظر اچي ٿو. هن چيو ته مارڪس هندوستان جي پاڻي جي نظام تي لکيو. مارڪس هن تهذيب کي سمجهڻ لاءِ پاڻي کي بنياد سمجهيو. سنڌو درياءِ ۾ ايڊوانس ايريگيشن سسٽم هو، پاڻي سان ڳوٺاڻي زندگي کي سمجهيو. انڊيا ۾ ڪالونيل بغاوت کي مارڪس ساراهيو پئي. مارڪس هتي جي انگريز سلطنت کي به سمجهيو. هن سلطنت جي ٽوڙڻ جي پيشن گوئي ڪئي ته سلطنت مان طبقا پيدا ٿيندا جيڪي ڪالونيل دور کي ختم ڪندا. اها اڳڪٿي سچ ثابت ٿي. پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ مسرور شاهه چيو ته هندوستان ۾ مهاڀارت هئي ته يورپ ۾ اوڊيسي فلسفو هو. هن چيو ته مارڪس هندوستان کي سمجهڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني هيگل کي سورس ٺاهيو. عرفان حبيب لکيو آهي محنت جي تقسيم ذات جي بنياد تي ٿيل آهي. هن ڳوٺن جي ميلاپ تي لکيو آهي. مارڪس هندوستان جي ڪم کي مڪمل نه ڪيو آهي. هن چيو ته هتي رياستي سرمايو آهي. هتي ملڪيت جاگيردارن جي صورت ۾ ملي ٿي. ملڪيت منصب جي صورت ۾ ملي ٿي. عرفان حبيب اهو ڪڏهن نه لکيو آهي هتي  فيوڊل ازم سماج هو. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلهو چيو ته عرفان حبيب ڏند ڪٿائن کي ٽوڙيو آهي. نئون نسل تاريخدان مان سکي پنهنجي اصل تاريخ مرتب ڪن. هن چيو ته عرفان حبيب  هندوستان بابت مارڪس تي تنقيد نه ڪئي آهي.  هندو لفظ اڳ ۾ نه هو، مارڪس به انڊين لکيو آهي. اهي لفظ انگريزن ڏنا. پنهنجي تاريخ کي پنهنجي اک سان ڏسنداسين پوءِ اها ئي اسان جي تاريخ آهي. هن چيو ته ذاتين کان ٻاهر به معشيت هئي. لوهار ڪنڀار سان گڏ هاري به هئا.  هن چيو ته هندوستان وڏا ڏڪار ڏٺا. مارڪس تجارتي سرمائي جي ڦرلٽ تي جيڪو لکيو. اها ڦرلٽ اڄ  به ساڳئي آهي.ان موقعي تي ويف اڳواڻ امر سنڌو چيو ته اڄڪلهه سماج پٺ تي وڃي رهيو آهي. اسان کي سماج کي مارڪسي تناظر ۽ فڪر سان راڳتي وٺي وڃڻ گهرجي. هن چيو ته عرفان حبيب جو هندو ستان جي تاريخ تي لکيل ڪتاب ۾ ڪجهه باب اسان جي سماج لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا.  مارڪسي فڪر جو ڪڏهن به دور ختم نه ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تاريخ غلامي محڪومي کان نجات جو ذريعو آهي. جنهن ۾ رڳو سياست نه پر ڪل سماج کي شامل ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ حمزا علوي وڏي تحقيق ڪئي آهي. هتي هارين جي پڻ مزاحمت رهي آهي. سنڌ ۾ 5 هزار تاريخ جي ٻولي کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي استاد شعبان سهتو ڳالهائيندي چيو ته هي ڪتاب برصغير جي تاريخ جو اهم ڪتاب آهي. هن چيو ته  انڊيا ۾ کاٻي ڌر جو وڏو رجحان رهيو آهي،عرفان حبيب مارڪس جي ڪم کي اڳتي وڌايو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.