ڪنڌڪوٽ: ساوند سندراڻي تڪرار تان هڪ وڌيڪ نوجوان قتل

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ رھندڙ ساوند سندراڻي برادرين ۾ ڪجهه عرصي کان ڪارنھن تڪرار کان شروع ٿيل خوني تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي، ڳوٺ بشير ساوند تي دشمني سبب سندراڻي برادري ھٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن ڪري نماز پڙھندڙ نوجوان مٺو پٽ عنايت ساوند گولين جو شڪار ٿي ويو نوجوان جي قتل بعد ڌرين جي ھٿياربندن ۾ ڇتي فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو علائقي ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو جنهن ڪري نوجوان جو لاش به ڳوٺ ۾ ئي پيل آهي جيڪو دير تائين اسپتال نه آندو ويو ٻنھي ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار سبب سنڌ جو ھيرو پروفيسر اجمل ساوند، قانوندان نور الاھي سندراڻي، پورھيت اصغر ٿھيم سميت قتل ڪيا ويا آهن پر ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.