سنڌي ادبي سنگت جي هڪ ٿيڻ جو اعلان

تحيرير: ديدار شام

سنڌي ادبي سنگت کي جنهن نعري هيٺ ”هڪ سنڌ هڪ ادبي سنگت“ جي بنياد تي هڪ ڪيو پيو وڃي، جيڪا هڪ خوش آئنده ڳالهھ آھي، جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجڻ گهرجي. اهڙي صورتحال تي لطيف سائين چيو آهي. ”هئا اڳئي گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا“ تنهن ڪري ادبي سنگت جي گڏ ٿيڻ جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي، پر اها به حقيقت آهي ته گڏ ٿيڻ جو لفظ يا هڪ ٿيڻ جي ڳالھه وڏي پرُڪش ۽ سڀني کي وڻندڙ هوندي آهي پر جيتوڻيڪ گڏ ٿيڻ جا تفصيل ڪجهھ وري ٻيا هوندا آهن. جيڪي ڪيترن کي اڻوڻندڙ لڳندا آهن. جنهن جو پوءِ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۽ شڪل ۾ اظهار ٿيڻ لڳندو آهي، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اهو اظهار سڀ معاملا يا گڏ ٿيڻ جون ڪوششون رد ڪري ڇڏيندو آهي، يا اهو اظهار وري گڏ ٿيڻ جي اڪثريت ڳالھه جي اڳيان پنهنجو اثر وڃائي ويهندو آهي.

موجود دور ۾ ادبي سنگت ۾ مثال موجود آهن، جڏهن ته اڳوڻو ادبي سنگت جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري احمد سولنگي الڳ ٿيل ساٿين جي ادبي سنگت جي اڳواڻ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ٻين سان مجيد ڪيريو ۾ سيد زين شاھ وٽ ڪنهن اصولن جي بنياد تي ٺهي آيو هو، پر جڏهن ته اهو ٺاھ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو ته گڏ ٿيڻ واري تفصيلي  اظهار اجلاس ۾ وڏي شدت ۽ گوڙ پيدا ڪري ڇڏيو جنهن سبب اهو ٺاھ يا ادبي سنگت جي گڏ ٿيڻ وارو معاملو رهجي ويو هو. جڏهن ته ان ٺاھ کان پهرين احمد سولنگي ادبي سنگت جي وارثي جو ڪيس حيدرآباد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به هڪ پٽيشن ذريعي داخل ڪيو ويو ته آئيني طور تي ادبي سنگت جا وارث اسان آهيون، تنهن ڪري ادبي سنگت کان ڌار ٿيل اديبن کي ادبي سنگت جو نالو يا لوگو استعمال نه ڪرڻ گهرجي، جنهن سبب ادبي سنگت جا ٻئي دعويدار اديب هاءِ ڪورٽ جا چڪر کائيندا رهيا جنهن دوران اهو رستو نڪتو ته سڀ معاملا ختم ڪري هڪ ٿجي، جنهن سلسلي ۾ پهرين ڪوشش سيد زين شاھ وٽ مجيد ڪيريو ۾ ٿي، جيڪا هڪ ٿيڻ واري تفصيل کي ٻڌي اڪثريت رد ڪري ڇڏيو، پر جيئن ته ڪنهن خاص ماڻهن جي چوڻ تي ادبي سنگت جي اٿارٽي اڳواڻن جو پاڻ ۾ هڪ ٿيڻ جو اهو ارادو جوڙي چڪو هو، جنهن تحت اها هڪ ٿيڻ واري ڪوشش جاري رهي، جيڪا ڪوشش هاڻي محمد خان ابڙو جي روپ ۾ آخري شڪل ورتي آهي، جنهن جو اعلان ٿيڻ باقي آهي، جنهن جي مخالفت نه ڪجي ته بهتر آهي. ڇاڪاڻ جو جيئن ته ڪهڙن سببن جي ڪري به هڪ ٿيڻ هڪ چڱي ڳالهھ آھي، تنهن ڪري هڪ سنڌ، هڪ ادبي سنگت جي نعري جي ڪري گڏ ٿيڻ وارن تفصيلن کي برداشت ڪري گڏيل طور تي ڪم ڪجي، ۽ جڏهن ته هڪ سنڌ جي ڳالھه ڪري رهيا آهيو ته پوءِ سڀني کي سنڌ جي وحدانيت خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، موجوده سنڌ جي اهم مسئلن تي نه رڳو لکجي پر عملي طرح جدوجهد به ڪجي. سنڌ کي موضوع بڻائي سوچڻو به آهي، لکڻو به آهي ۽ جدوجهد به ڪرڻي آهي.

ڇاڪاڻ ته سنڌي ادبي سنگت جڏهن هڪ هُئي ته ان جو ماضي انتهائي شاندار هو، جيتوڻيڪ ادبي سنگت جو وجود يا بنياد ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾ گوبند مالهي وڌو هو پر اها به حقيقت آهي ته سنڌي ادبي سنگت ۾ اُڀار ون يونٽ جي دور ۾ آيو، جنهن ۾ نمايان طور تي ادبي سنگت اڳيان اڳيان نظر آئي پئي، توڙي جو ادبي سنگت سرڪار جي عتاب هيٺ هُئي، اخبارن تي بندش، رسالن تي بندش، ڳالهائڻ تي بندش لکڻ تي بندش هئي، اديب جيل ۾ شاعر قيد ڪيا ويا، سائين جي ايم سيد کي گرفتار ڪري نظر بند ڪيو ويو، قاضي فيض محمد صاحب قيد ۾ وڌو ويو، عثمان ڏيپلائي ۽ ٻيا جيل ۾ واڙيا ويا، ان وقت جي مقبول سنڌي اخبار "الوحيد” تي هڪ سال تائين بندش وڌي وئي، جنهن تي هڪ آواز ٿي گڏيل طور تي لکيو ويو، جدوجهد ڪئي، ان وقت جي اخبارن ايڊيٽوريل لکيا اديبن مضمون لکيا، ڪهاڻيون لکيون، شاعرن شاعري ڪئي،

هڪ سونهري تاريخ جيڪا ان وقت جي اخبارن ۽ ڪتابن ۾ موجود آهي، هڪ ڪتاب، ون يونٽ ۽ سنڌ، ۾ پروفيسر اعجاز احمد قريشي صفحي267 تي لکيو آهي ته "22 نومبر تي 1954ع تي وزيراعظم پاڪستان پاران ون يونٽ جي حق ۾ واضح بيان ڏيڻ سان ڄڻ ته سڄي سنڌ ۾ باھ ٻري وئي، سياسي اڳواڻن ۽ شاگردن سان گڏ صحافين، قلم ڪارن، عالمن، اديبن ۽ وڪيلن پڻ سخت احتجاج ڪيو” ساڳي صفحي تي ليکڪ لکيو آهي ته ان وقت جي اخبارن مان مقبول ڀٽي جي ادارت هيٺ حيدرآباد مان نڪرندڙ اخبار هفتيوار” وطن” ۽ مولانا عبدالحق ربانيءَ جي ادارت هيٺ نڪرندڙ هفتيوار” الفاروق ” خاص طور ذڪر جوڳيون آهن”  ون يونٽ جي دور ۾ اخبارن تي بندش، رسالن ۽ ڪتابن تي بندش اديب، شاعر جيلن ۾ هئا، تنهن هوندي به ادبي سنگت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي، شاعر مزاحمتي شاعري ڪندا رهيا، ڪهاڻيڪار ون يونٽ خلاف ڪهاڻيون لکيون، اخبارن ۾ ايڊيٽوريل ۽ مضمون لڳندا هئا.

اڄ جون حالتون به ساڳيون آهن، ون يونٽ ڀلي نه به هجي پر ان جي ترجيع مطابق سنڌ جو ساڳو لڪاءُ ۽ حشر آهي، بس فرق اهو آهي ته پهرين اديبن، ليکڪن، شاعرن ۾ جُرت ۽ بهادري وڌيڪ هئي اڄ اها ساڳي ڳالھه نظر نٿي اچي، تنهن ڪري سنڌ کي موضوع بڻائي لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، سائين جي ايم سيد 28 جنوري 1956ع تي ميرپور بٺورو ۾ ادبي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ سنڌي ادب ڇو ۽ ڇا لاءِ جي تقرير ۾ چيو هو ته ”جيڪڏھن اوھان سنڌي ادب کي زور وٺائڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ اوھان کي مقصد ۽ مرادون ڪرڻيون پونديون، ان ڳالھه کان انڪار ٿي نٿو سگهي ته ڪا به قوم سياسي، اقتصادي ۽ ذهني آزادي کان سواءِ ترقي ڪري نٿي سگهي، ساڳي ڳالھه ادب سان به لاڳو آهي، ادب جي ترقي ۽ تنزل قومن جي قسمت سان وابسته رهي ٿي“ (پڙهو ڪتاب سائين جي ايم سيد جو چونڊ ادبي مضمون) سائين جي ايم سيد ان ساڳي تقرير ۾ چيو آهي ته” قوم سلامت آهي ته ادب به سلامت رهي سگهندو، پر جي قوم خطري ۾ آهي ته پوءِ کڻي سئو ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائجن، مشاعرا ڪجن، ڪتاب لکجن، پر ادب بچي ڪين سگهندو،“

سنڌ جي موجوده اديبن، شاعرن ليکڪن کي پنهنجي لکڻين ۾ فڪري سگھه، سياسي، اقتصادي، خيالن جي آزادي ۽ شعور اُڀارڻ جي ڪوشش ڪجي، سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن ڪالم نگارن کي واضح تقرير ۾ چيو ته هاڻي اديبن جي آزمائش جو وقت آيو آهي، تنهن ڪن خاص بنيادي اصولن جي آڌار تي سنڌي ادب کي تعمير ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ منهنجي سمجهه ۾ هيٺيان ٽي نقطا انهيءَ مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري نظر اچن ٿا،

1،  سنڌين جي جداگانه قوميت جي بنياد تي سنڌي ادب جي تعمير ڪرڻ،

2،  سنڌي ادب کي سنڌ جي ڪلچر ۽ زبان جو محافظ ڪري سمجهڻ،

3،  سنڌي ادب کي جذباتي ۽ مذهبي بنيادن جي عيوض عقل ۽ علم جي بنياد تي سنڌي ادب جي تعمير ڪرڻ.

تنهن ڪري اڄ جنهن نعري هيٺ سنڌي ادبي سنگت جي گڏيل سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ هڪ ٿي رهيا آهيون ان نعري ”هڪ سنڌ هڪ ادبي سنگت“ کي مان ڏيندي، ادبي سنگت جي ماضيءَ واري شاندار ڪارڪردگي طرف وٺي اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو سنڌ رهندي ته ادب به رهندو،

تنهن ڪري موجوده وقت سنڌ جو وجود خطري آهي، سنڌ بچائڻ لاءِ هڪ ٿيجي، سنڌ بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪجي، هر وک ڌرتي جي تحفظ لاءِ کڄڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.