نواز شريف جو ڪم به ڦٽي ويو

تحرير: دلشاد ڀٽو

منھنجي خيال ۾ ملٽري اسٽيبلشمينٽ نواز شريف ۽ زرداري کي اھو پيغام ڏنو آھي ته ليول پلينگ فيلڊ چاھيو ٿا ته پوءِ عمران خان واري پوزيشن مطلب عمران خان وانگر جيل ۾ رھڻو پوندو.تڏھن ئي نواز شريف لنڊن ۾ ويھي پنجن ماڻھن جنرل باجوه.جنرل فيض حميد.جسٽس ثاقب نثار.جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ مستقبل جي چيف جسٽس اعجاز الحسن کان پلاند وٺڻ جي تڙي ڏني.حالانڪه راڻا ثنا الله مڃي چڪو آھي ته عمران خان مان جان ڇڏائڻ لاءِ اسان جنرل باجوه کان مدد ورتي ۽ بدلي ۾ کيس نوڪري جي مدي ۾ ايڪسٽيشن ڏني.جنھن مان اھو ظاھر ٿئي ٿو ته ملٽري اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي ھٽرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ نيوٽرل نه ھئي.عمران خان جو موقف درست آھي.ملٽري اسٽيبلشمينٽ عمران خان ۽ سندس پارٽي کي ڪچلڻ لاءِ پي ڊي ايم جي ڀانمتي جي ڪنبي جي ھر جائز ناجائز مدد ڪئي.پر عمران خان جي ڀرپور مزاحمت ۽ سگھه ختم نه ٿيڻ توڙي عالمي دٻاء ۽ مقبوليت سبب ملٽري اسٽيبلشمينٽ به نواز شريف کي کتو جواب ڏنو ته ان کان وڌيڪ مدد نٿي ٿي سگھي.

تنھنڪري نواز شريف ڇتو ٿي پيو آھي.پر فوج به سمجھي ٿي ته عمران خان جو جنرل باجوه ۽ جنرل عاصم منير خلاف شڪايتون ته جائز آھن پر نواز شريف وارن کي اقتدار به ڏياريوسين.ڪيس به ختم ٿيا.نواز شريف کي سزا ھوندي پوءِ به ملڪ مان ڀڄايوسين ان باوجود نواز شريف سابق ۽ حاضر سروس ججن ۽ جنرلن کان پلاند وٺڻ جون ڌمڪيون ٿو ڏئي تنھن ڪري شھباز شريف کي دٻ ڪڍيائون ته ڀاءُ کي سمجھاءِ نه ته سٺو نه ٿيندو.ھاڻ جيئن اليڪشن جو اعلان ٿيو آھي.

عمران خان لاءِ به ماحول سازگار ٿئي پيو ۽ خبرون آھن ته ملٽري اسٽيبلشمينٽ عمران خان سان ڳالھيون شروع ڪري ڇڏيون آھن.عمران خان وٽ عوامي مقبوليت آھي جنھن سبب کيس رڳو ايتري ڍر ملي ته ھو جلسا ڪري ۽ گھمي ڦري سگھي تڏھن به سندس ڪم ٿيو پيو آھي.ھو وڌ ۾ وڌ اھو چاھي ٿو ته فوج زرداري .ملان ۽ نواز ڪرپٽ ٽولي مان ھٿ ڪڍي نيوٽرل ٿئي.جيڪڏھن زرداري ۽ نواز ڪرپٽ ٽولو جيل وڃي ٿو تڏھن به عمران خان جو ڪم ٿي ويو ڇاڪاڻ ته سندس منشور ئي اھو آھي.زرداري بلاول کي به سمجھايو آھي گھڻيون بدڪيون نه ھڻ ھاڻ ڀٽو ڪارڊ ختم آھي.جيڪڏھن اسٽيبلشمينٽ ڏنڊو کنيو ته سڀ ڀڄي ويندا باقي نانئ وارا ڪن بچندا.

 

پر فوج به سمجھي ٿي ته عمران خان جو جنرل باجوه ۽ جنرل عاصم منير خلاف شڪايتون ته جائز آھن پر نواز شريف وارن کي اقتدار به ڏياريوسين.ڪيس به ختم ٿيا.نواز شريف کي سزا ھوندي پوءِ به ملڪ مان ڀڄايوسين ان باوجود نواز شريف سابق ۽ حاضر سروس ججن ۽ جنرلن کان پلاند وٺڻ جون ڌمڪيون ٿو ڏئي تنھن ڪري شھباز شريف کي دٻ ڪڍيائون ته ڀاءُ کي سمجھاءِ نه ته سٺو نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.