ڪڪڙ عوام جي وس کان ٻاهر، ٿوم به مهانگي

ڪراچي (م ڊ) شماريات واري اداري جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ چيو آهي ته گذريل هفتي مهانگائي ۾ واڌ ٿي، ماهوار 17 هزارن تائين  ڪمائيندڙ ماڻهن جي لاءِ مهانگائي جي شرح 38 ڏهائي 27 سيڪڙو، ماهوار 17 کان 23  هزارن تائين آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ مهانگائي 41 سيڪڙو، جڏهن ته ماهوار 30 هزار ڪمائيندڙن جي لاءِ مهانگائي جي شرح 39 ڏهائي 84 سيڪڙو  رڪارڊ ڪئي وئي، رپورٽ موجب ملڪ ۾ هفتي دوران 22 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ 11 جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، هفتي دوران پيٽرول جي قيمتن ۾ 26 رپيا 2 پئسن تائين واڌ ٿي، رپورٽ موجب ڪڪڙ جي في ڪلو قيمت ۾ 31 رپيا 26 پئسا، ٿوم جي في ڪلو قيمت ۾ 24 رپيا هڪ پئسا، ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر 14 رپيا 4 پئسا مهانگو ٿيو، رپورٽ موجب گذريل هفتي ٽماٽرن جي في ڪلو قيمت ۾ 12 رپيا 39 پئسا گهٽتائي ٿي، کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 5 رپيا 91 پئسا ۽ پٽاٽن، ڪڻڪ جي اٽي، ڳڙ ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.