ڪراچي (م ڊ) اسرائيل جي وزيراعظم بنيامن نيتن ياهو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل سعودي عرب سان گڏ امن معاهدي جي بلڪل ويجهو پهچي چڪو آهي، پنهنجي خطاب ۾ نيتن ياهو چيو ته اسرائيل فلسطينين سان گڏ ڊگهي مدي واري امن جي لاءِ ڪوشان آهي، فلسطينين کي يهودين جي الڳ رياست جي حق کي تسليم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته عرب ملڪن جي سهڪار سان نئين امن راهداري کي قائم ڪيو ويندو، اسرائيل جو سعودي عرب سان گڏ امن معاهدو ٻين عرب ملڪن کي امن معاهدو ڪرڻ تي راضي ڪندو.