لکي غلام شاهه(رپورٽ نديم جان مهر) شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا چاليهي واري تقريب ۾ صحافي سماجي سياسي تنظيمن جي اڳواڻن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي شهيد جان محمد مهر جي قبر تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي وئي شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي غم غصي جو اظهار ڪيو ويو، 41 ڏينهن اڳ سکر ۾ شهيد ڪيل ڪاوش ڪي ٽي اين نيوز جي بيورو چيف شهيد جان محمد مهر جي چاليهي واري تقريب قرآن خواني بعد خيرات جي ماني کارائي وئي تقريب ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان صحافين جا قافلا پهتا جنهن ۾ ڪراچي سکر حيدر آباد ڪشمور گهوٽڪي خيرپور نوشهروفيروز جيڪب آباد ضلعن مان وڏي انگ ۾ قلم ڌڻي پهتا ان موقعي تي ايف يو جي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، لالا رحمان سمون، خالد کوکر، قاضي ذوالفقار، وحيد راڄپر، قيوم ٻاٽ، امداد بوزدار، نثار کوکر، ممتاز بخاري، خان محمد خان اڳوڻي ايم پي اي شهريار خان مھر، حاجي نياز مهر احسن خان مھر الله ورايو بوزدار نعمت کهڙو سميت هزارين ماڻهو شرڪت ڪئي، ان موقعي اڳواڻن لالا اسد پٺاڻ، ويندو لالا رحمان سمون، خالد کوکر، وحيد راڄپر، غازي جهندير، سينيئر صحافي اقبال ملاح نثار کوکر، ممتاز بخاري، عطاءُ الرحمان، ملڪ خان محمد، نعمت کهڙو ۽ ٻين چيو ته شهيد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سکر، حيدرآباد، ڪراچي ۾ بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن پوليس جي ناڪامي ڏسي ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو، گهرو وزير آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر جا واعدا پورا نٿي سگهيا آهن، صحافي شهيد جان محمد مهر جي قتل گرفتار نه ٿيا ته اسان جو احتجاج به ختم ناهي ٿيو، دنيا کي خبر آهي ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل ڪٿي لڪل آهن پر پوليس کي خبر ناهي افسوس جهڙي ڳالهه آهي، اسان شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري تائين هر ان شخص وٽ احتجاج ڪنداسين جتي وس پهچندو، ان موقعي تي شهيد جان محمد مهر جي ڀاءُ فريادي ڪرم الله مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سکر پوليس يا صوبائي حڪومت جي دلاسن پريشان ۽ حيران ڪري ڇڏيو آهي، هر روز ملاقات لاءِ گهرائي دلاسو ڏنو وڃي ٿو اسان چاهيون ٿا ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن.