ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جو قدر وڌڻ جو رجحان جاري آهي.انٽر بئنڪ ۾ 13هين ڏينهن به ڊالر جو اگهه گهٽيو ۽ ڊالر هڪ رپيو 2 پئسا گهٽجڻ کانپوءِ 291.76 رپين جو ٿي ويو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر 2 رپيا 50 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 293 رپين 50 پئسن جو ٿي ويو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار لاءِ مثبت ڏينهن رهيو. اسٽاڪ ايڪسچينج تي 100 انڊيڪس 219 پوائنٽن جي واڌ سان 46421 تي بند ٿيو. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 6.26 ارب رپين جي 17.28 ملين شيئرز جو واپار ٿيو.