پيپلز پارٽي لطيف کوسي جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي

لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي سينيئر قانوندان ۽ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر لطيف کوسا جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان لطيف کوسا جي پارٽي رڪنيت معطل ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. پيپلز پارٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيپلز پارٽي اڳواڻ لطيف کوسا جي سي اي سي جي رڪنيت به معطل ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب لطيف کوسا کي پارٽي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو، پر اُن جواب ناهي ڏنو، جنهن تي لطيف کوسا خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. لطيف کوسا جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي منهنجي پارٽي آهي ۽ ڪير به مونکي پارٽي کان ڪڍي نٿو سگهي، جڏهن شوڪاز نوٽيس مليو ته جواب ڏيڻ جو فيصلو به ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.