اسلام آباد(م ڊ) احتساب عدالتن ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ، اڳوڻن وزيراعظمن نواز شريف، يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف خلاف نيب ريفرنسز جو رڪارڊ جمع ڪرايو ويو آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ جي فيصلي تي عمل جو سلسلو جاري آهي. نيب جي جاچ آفيسرن جي طرفان اڄ وڌيڪ 18ريفرنسز جو رڪارڊ جمع ڪرايو ويو. نيب پاران 80 ريفرنسز مان 44 جو رڪارڊ هيل تائين احتساب عدالتن ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري، اڳوڻن وزيراعظمن نوازشريف، يوسف رضا گيلاني توشه خانه ريفرنس جو رڪارد جمع ڪرايو ويو. راجا پرويز اشرف جي خلاف رينٽل پاور ريفرنس جو رڪارڊ به عدالتن ۾ جمع ڪرايو ويو. اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ خلاف 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن جي ريفرنس جو رڪارد به جمع ڪرايو ويو. نيب جاچ آفيسرن ٽئي ريفرنسز اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر 3 ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.