لاهور (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي پيٽرن ان چيف جهانگير ترين چيو آهي ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ بابت ڪا شڪايت ناهي، جڏهن ته نواز شريف کي ڪنهن شخصيت جو نالو کڻي بيانيو نه ٺاهڻ گهرجي ها. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جهانگير ترين چيو خوشي آهي ته پارٽي ۾ هڪ اهم شموليت ٿي رهي آهي ۽ مان منزا حسن جي دل جي گهرائين سان آجيان ڪيان ٿو. هن چيو ته چونڊون هر حال ۾ ٿيڻ گهرجن، چونڊون اڻٽر آهن، چونڊن ۾ سڀني جماعتن کي برابري جو موقعو ملڻ گهرجي، پاڪستان جي بهتري لاءِ ڪوشش ڪنداسين، استحڪام پاڪستان پارٽي سڀني جون اميدون پوريون ڪندي. سندس چوڻ هو ته ليول پليئنگ فيلڊ بابت ڪا شڪايت ناهي، جيڪڏهن نواز شريف کي ڪنهن سان معاملا طئي ڪرڻا آهن ته اڳ ۾ واپس اچي، جڏهن ته نواز شريف کي ڪنهن شخصيت جو نالو کڻي بيانيو نه ٺاهڻ گهرجي ها.