لاهور (عوامي آواز نيوز) سعودي عرب جي هڪ شخصيت لنڊن پهچي نواز شريف کي اهم پيغام پهچايو آهي.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته دوست ملڪ جي اهم شخصيت جو چوڻ آهي ته دوست ملڪ جي اهم شخصيت چونڊن ۾ مهينو يا ٻه مهينا دير واري امڪان کان نواز شريف کي آگاهه ڪيو آهي ۽ احتساب واري مطالبي تي نظرثانيءَ جو به مشورو ڏنو آهي.
نواز شريف کي کي وطن ورڻ ۽ چونڊ مهم دوران سيڪيورٽي خدشن بابت به ڄاڻ ڏني وئي آهي. جنهن کانپوءِ نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي واپسي بابت به سوال اٿي رهيا آهن، چونڊون جنوريءَ ۾ ٿيڻ بابت به هڪ ڀيرو ٻيهر سوال اٿي رهيا آهن.
ان سان گڏ (ن) ليگ جا ڪجهه سينيئر اڳواڻ به لنڊن پهچي ويا آهن، محسوس ٿي رهيو آهي ته لنڊن سرگرمين بابت ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 23 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي