عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌڻ سبب پيٽرول اگهه وڌيا: جليل عباس جيلاني

اسلام آباد (م ڊ) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهه وڌڻ سان ملڪ  ۾ اگهه وڌيا .پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي جليل عباس جيلاني چيو ته معاشي مضبوطي سياسي استحڪام سان شروط آهي ، اسان جو بنيادي هدف پاڪستان ۾ شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون ڪرائڻ آهي.هن چيو ته چين پاڪستان جو هڪ بهترين ۽ اعتماد جوڳو دوست آهي، چين سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي، سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي ۾ زراعت ۽ ريلوي تي ڌيان ڏنو وڃي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان ۾ دهشتگرد گروپ پاڙيسري ملڪن مان ڪارروائين ۾ ملوث آهن، افغانستان پنهنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال نه ڪرڻ کي يقيني بڻائي.

نگران وڏي وزير پاران پينشنرن جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صوبائي ٽريزري آفيسن ۾ پينشنرن جي مسئلن جو نوٽيس  وٺندي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي لاڳاپيل آفيسن ۾ ضلعي آفيسرن سان گڏ کلي ڪچهري منعقد ڪري پينشنرن جي شڪايتن جو ازالو ڪن.   ان سلسلي ۾ ناڻي کاتي 27 سيپٽمبر کان کلي ڪچهرين جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان انسپيڪٽر جنرل (ٽريزريز)، ڊپٽي انسپيڪٽر (ٽريزريز) گريڊ 18 جي اڪائونٽنٽ جنرل سان گڏ پينشن ۽ ناڻي جي ٻين معاملن تي کل ڪچهري منعقد ڪندا.  28 سيپٽمبر تي ڊي سي دادو، 3 آڪٽوبر تي ڊي سي ڄامشورو، 5 آڪٽوبر تي ڊي سي بدين، 9 آڪٽوبر تي ڊي سي ٽنڊو الهيار، 10 آڪٽوبر تي ڊي سي مٽياري کلي ڪچهريون منعقد ڪندا. ساڳي ريت 27 سيپٽمبر تي ڊي سي آفيس شڪارپور، 28 سيپٽمبر تي ڊي سي جيڪب آباد، 4 آڪٽوبر تي ڊي سي شڪارپور، 5 آڪٽوبر تي ڊي سي گهوٽڪي ۽ 11 آڪٽوبر تي ڊي سي لاڙڪاڻو، 12 آڪٽوبر تي ڊي سي قمبر ۾ کلي ڪچهريون منعقد ڪندا. ڊپٽي ڪمشنر سجاول 26 سيپٽمبر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو 3 آڪٽوبر تي کلي ڪچهري منعقد ڪندا.

  • ابراهيم حيدري ٿاڻي جي حد مان 2 غيرقانوني افغاني گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ايس ايس پي ملير جي ترجمان  چيو آهي ته ابراھيم حيدري ٿاڻي پوليس ڪارروائي ڪندي غير قانوني رھندڙ 2 افغاني شھرين کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن ۾ دين محمد ۽ جان محمد شامل آهن. جوابدارن خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.