ڪراچي (رپورٽر) اضافي ٽول ٽيڪس جي وصولي خلاف ٽرانسپورٽر جو ٻئي ڏينهن به ڪراچي ٺٽو شاهراهه کي ملائيندڙ لنڪ روڊ تي ڌرڻو جاري رکيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل آهي، آئل ٽينڪر ايسوسيئيشن پاڪستان جي چيئرمين شمس شهواڻي موجب، انتظاميه کي مهلت ڏيڻ باوجود مسئلو نه حل نه ٿيو، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز سان ڳالهيون ناڪام رهيون, ٻڌايو پيو وڃي ته گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ڌرڻي واري هنڌ پهچي ٽرانسپورٽرن سان ڳالهيون ڪندو، شمس شهواڻي موجب غيرقانوني طور ڊرائيورن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪلاشنڪوف جي زور تي زبردستي ڀتا خوري جاري آهي، مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو.