گهوٽڪي (رپورٽ عرفان علي سومرو) گهوٽڪي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش ايو، جوابدار عمران ٽڳڙ پنهنجي سڳي امڙ، ڀيڻ ۽ ٽن صغير ڀاڻيجِن کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ڪارروائي ڪري ٻارنهن ڪلاڪن بعد جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جنهن ٻه سال اڳ پنهنجي پيءُ کي به قتل ڪري لاش درياهه ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، آفتاب ڪالوني ۾ جنوني شخص عمران ٽڳڙ سرن جا ڌڪ هڻڻ بعد تيز ڌار اوزار سان پنهنجي چئن گهر ڀاتين کي موقعي تي قتل ڪيو، جوابدارن جي حملي ۾ زخمي ٿيل معصوم ٻارڙي سکر ۾ دم ڏئي ڇڏيو، قتل ڪيلن جو انگ پنج ٿي ويو، جوابدار طرفان قتل ڪيلن ۾ جوابدار جي والده 55 سالن جي مريم زال عبدالرحيم ٽڳڙ،25 سالن جي ڀيڻ سميرا زال لياقت علي ٽڳڙ، ڀاڻيجيون 9 ورهين جي اقراءِ، 6 سالن جي آيت ۽ صورت ٽڳڙ شامل آهن، مقتولن جينازي نماز آفتاب ڪالوني ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ شهر جي سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته اهڙي واقعي بعد سڄي شهر ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو، هوڏانهن اي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪندي ٻارنهن ڪلاڪن بعد جوابدار عمران ٽڳڙ کي گرفتار ڪري ورتو، ان حوالي سان ايس ايڇ او اي سيڪشن قلب عباس شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار جنوني شخص آهي ٻھ سال اڳ هن پنهنجي پي عبدالرحيم کي به قتل ڪري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو هو جنهن جو لاش اڃان تائين هٿ ناهي اچي سگهيو جنهن ڪيس ۾ هن ڪافي وقت جيل ۾ به گذاريو ۽ ڪجهه مهينا اڳ جيل مان نڪري آيو آهي، ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي جنهن پنهنجي پيءُ کي ٻه سان اڳ قتل ڪرڻ جو انڪشاف به ڪيو آهي.