اسلام آباد(م ڊ) صدر عارف علوي ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ هرديب سنگهه نجار جي قتل جي مذمت ڪئي آهي.صدر عارف علوي دنيا کي سک اڳواڻ جي وحشياڻي قتل جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته دنيا ڀارتي رياستي قتل جو نوٽيس وٺي. ڪيناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر چيو آهي ته ڀارت جي اها پاليسي رهي آهي ته ڀارت کان ٻاهر اقليتي گروهن جي قيادت تي ظلم ۽ جبر ختم ڪيو وڃي.
ڪراچي ۾ ڦرلٽ ڪندڙ بنگالي ڊڪيت گروپ جا 3 ڏوهاري گرفتار
ڪراچي ( رپورٽر ) سي ٽي ڊي سنڌ گذريل رات ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي بنگالي ڊڪيت گروپ جي 3 جوابدارن عمران نذير، عمر فاروق ۽ عبيدالله عرف وحيد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدارن وٽان 30 بور جو هڪ 9 ايم ايم ۽ 2 ٽي ٽي پستول هٿ ڪيو ويو، سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار گروپ سائيٽ سپر هاءِ وي، نيو ڪراچي، بلال ڪالوني جي حدن ۾ ڪارروايون ڪندا هئا، جوابدارن وٽ شريف آباد ۾ موبائل فون جي دڪان ۾ ڦر ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي دڪاندار کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جوابدارن ڪيترن ئي وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي، ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿي جيل ڪاٽي چڪا آهن، سي ٽي ڊي اهلڪار ان حوالي سان عدالتن کان ڪيسن بابت به معلومات وٺي رهيا آهن ۽ چوري جون موبائل فون خريد ڪندڙ دڪاندارن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي
سن ڀرسان حادثو: ٻه موٽرسائيڪل سوار فوت
سن(م ڊ)سن ڀرسان لڪي شاھ صدر وٽ ٺيٻاٺ ٿاڻي جي حد ۾ انڊس ھاء وي تي ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو موٽرسائيڪل ٻئي ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا موٽر جن جي سڃاڻپ نعيم باهو ولد نذير احمد نوشھرو فيروز واسي ٿي جڏھن ته ٻئي جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي ،موٽر وي پوليس ڪوچ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي ڪوچ ڊرائيور فرار ٿي ويو
سنڌ ۾ ايندڙ جمعي تي عيد ميلاد النبي جي موڪل جو اعلان
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت 29 سيپٽمبر تي سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت طرفان جمعو 12
ربيع الاول (29 سيپٽمبر) تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته جمعي تي عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل هوندي.
ڀارت سک اڳواڻ جي قتل جاچ ۾ سهڪار ڪري: جسٽن ٽروڊو
نيويارڪ(م ڊ) ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو سک اڳواڻ جي قتل جي جاچ ۾ سهڪار ڪري .نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم ٽروڊو چيو ته ڪينيڊا ڀارت کي اشتعال يا مسئلا پيدا نه ڪري رهيو آهي، اهو قانون جي حڪمراني جو معاملو آهي.هن چيو ته سک عليحدگي پسند اڳواڻ جو قتل هڪ سنگين معاملو آهي، ان معاملي کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي، اسان اهو ئي ڪري رهيا آهيون، انصاف جي ڪارروائي کي اڳتي وڌايو ويندو.
برسات متاثرن لاءِ آيل فنڊز بابت نيب طرفان جاچ شروع
سکر (م ڊ) نيب پاران 3ڊويزن جي برسات متاثرن جي بحالي لاءِ جاري ٿيل رقم بابت جاچ شروع ٿي وئي، گذريل برساتن دوران سرڪار پاران 3ڊويزن کي جاري ڪيل 4.80 ملين رپين جي خرچ بابت نيب جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، نيب سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن جا مختلف آفيسرن کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو، نيب چيف آفيسرز، سي ايم اوز، ٽي اوز ۽ اڪائونٽنٽس کي رڪارڊ سميت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته ھيلٿ کاتي، ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ۽ لوڪل گورنمينٽ جي آفيشلز ۽ آفيسرن خلاف جاچ ھلندڙ آهي، ڄاڻايل آفيسرن کي جاري ٿيل رقم ڪٿي، ڪھڙي مد ۾ ۽ ڪيئن خرچ ٿي بابت جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ذريعن موجب خريد ڪيل سامان جي ضلعي سطح تي لسٽ، بڊز جي ٽيڪنيڪل رپورٽ به پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊسٽرڪٽ سطح تي خرچ ڪيل رقم جي رپورٽ سميت سمورو رڪارڊ نيب آفيس سکر ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.