سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ واٽر بورڊ مان ڪرپشن جو خاتمو ڪيو وڃي: نگران وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر مڪاني ادارن واري کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي مختلف ونگز کي فعال ڪري خاص طور تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ واٽر  بورڊ مان ڪرپشن جو خاتمو آڻي،هن چيو ته  مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪنهن به عمارت جو ڪوبه لي آئوٽ پلان نيڪ نيتيءَ سان منظور ناهي ڪيو ويندو ۽ غير قانوني هائيڊرنٽس آسان پئسو ٺاهڻ جو وڏو ذريعو بڻجي ويا آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه ناقابل قبول ۽ برداشت جوڳو نه آهي،وڏي وزير چيو ته ايس بي سي اي ۾ ڪرپشن حڪومت کي بدنام ڪيو آهي، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ايس بي سي اي هر منظوري تي (غيرقانوني) پئسا خرچ ڪري ٿي ۽ ڪوبه لي آئوٽ پلان ان وقت تائين منظور نٿو ڪيو وڃي جيستائين سندن کيسا گرم نٿا ڪيا وڃن، غير قانوني اڏاوتن جي اجازت ڏيڻ جو بنيادي سبب ڪرپشن آهي. وڏي وزير ايس بي سي اي کي چتاءُ ڏيندي چيو ته هوءَ هڪ موثر، ايماندار ۽ محنتي ادارو آهي ۽ شهر ۾ معياري اڏاوت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري، ٻي صورت ۾ انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي جنهن جو پڙڏاءُ پري پري تائين ٻڌو ويندو. جسٽس باقر مڪاني ادارن واري وزير مبين جماڻي کي ايس بي سي اي کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب وڏي وزير کي ٻڌايو ته واٽر بورڊ وٽ 7 سرڪاري هائيڊرنٽس آهن، جنهن تي وڏي وزير چيو ته کين ڪم ڪرڻ لاءِ مناسب نظام، طريقيڪار ۽ قاعدا هجڻ گهرجن. ميئر ڪراچي چيو ته واٽر بورڊ پوليس ۽ رينجرز جي سهڪار سان غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پوليس غير قانوني هائيڊرنٽس هلائڻ تي 70 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ 17 واٽر ٽينڪر ضبط ڪيا آهن. وڏي وزير چيو ته کيس لوڪل ڪائونسلن ۾ گھوسٽ ملازمن جون شڪايتون مليون آهن. هن بلديات کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هر هڪ ملازم جي تصديق ڪري ۽ گهوسٽ ملازمن کي ڳولا ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل ڊيٽا تيار ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.