فاطمه ڪيس ۾ ڪو به دٻاءُ ناهي(گهرو وزير) جوابدارن کي ڦاهي تي ٽنگيو: امڙ

راڻيپور (رپورٽ:فياض حسين راڄپر) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ تشدد سان قتل ڪيل 10 ورھين جي معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ سنڌ جو نگران گھرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ۽ آءِ جي  سنڌ رفعت مختيار عباسي خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو پھتا جتي ھنن فاطمه جي امڙ شبانا ڦرڙو ۽ والد نديم ڦرڙو سان تعزيت جو اظهار ڪيو فاطمه ڦرڙو جي والد ۽ امڙ کان فاطمه جي حوالي سان تفصيل پڻ ورتا جنهن بعد ھنن ڳالھائيندي چيو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ ملوث مڙئي جوابدار ۽ سھولتڪار گرفتار ڪيا ويندا سنڌ حڪومت ھن معاملي ۾ پر عزم ۽ چوڪس آهي ڪنھن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو سنڌ پوليس جوابدارن جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته ان موقعي تي ڪيس جي فريادي شبانا ڦرڙو چيو ته کين ٻيو ڪجھ به نه گھرجي  صرف فاطمه جا قاتل گرفتار ڪري کين ڦاهي تي لٽڪايو وڃي.

فاطمه قتل ڪيس ۾ مفتي تقي عثماني خاموش آهي: وجاهت مسعود

اسلام آباد(م ڊ) ناليواري تجزئي نگار وجاهت مسعود چيو آهي ته هڪ آزاد رياست جو بنيادي فرض شهري جي جان جي حفاظت ڪرڻ آهي. ڪينيڊا هڪ سک شهري جي موت تي ڀارت خلاف سفارتي  ارروائي ڪري ورتي آهي. هوڏانهن راڻي پور ۾ 10 ورهين جي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار فياض شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ڪيس جي مرڪزي جوابدار حنا شاهه اڳ ئي ضمانت تي آهي. مفتي تقي عثماني خاموش آهي

ٻوڏ معصوم فاطمه کي پيراڻي حويلي ۾ پناهه تي مجبور ڪيو: نصير ميمڻ

اسلام آباد(م ڊ) ناليواري ليکڪ نصير ميمڻ چيو آهي ته قدرتي آفتون انساني سانحن کي جنم ڏين ٿيون. فاطمه ڦرڙو جي ڪٽنب جو گهر ٻوڏ ۾ پَٽ پئجي ويو ۽ هنن پِيرن جي حويليءَ ۾ پناھ ورتي، ٻن ويلن جي ماني ۽ ڇت عيوض فاطمه ۽ سندس ماءُ  حويليء ۾ پورهيو ڪنديون هيون. ٻوڏ جي آفت کين ان ظلم جو کاڄ بڻايو. اهڙا ڪيترائي سانحا هوندا جن جو پتو ئي نه پيو

پير فياض شاهه گرفتار نه ٿيو، هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت

راڻيپور (ن ع آ) پيراڻي حويلي ۾ قتل ٿيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾  گهربل جوابدار پير فياض شاهه جي سنڌ  هاءِ   ڪورٽ حيدرآباد بئنچ مان 7 ڏينهن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي،جڏهن ته عدالت سڳوري حنا شاهه جي ضمانت جو 26 سيٽمبر  تائين فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي فياض شاھ ۽ حنا شاهه فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ روپوش هئا جن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي خيرپور پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا هئا ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون هيون فياض شاھ حيدرآباد جي هاءِ ڪورٽ بئنچ مان ستن ڏينهن جي عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته حنا شاهه جي ضمانت جو عدالت پاران 26 سيٽمبر تائين فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي

پوليس اسد شاهه جي موبائل جو ڪوڊ نه کولرائي سگهي: شبانه ڦرڙو

راڻيپور: فاطمه ڪيس جي فريادي شبانه ڦرڙو ڳالهائيندي چيو ته کين ڪجهه به نه گهرجي صرف فاطمه جا قاتل گرفتار ڪري کين ڦاهي تي  لٽڪايو وڃي ھن وڌيڪ چيو ته پوليس ھن وقت تائين مک جوابدارن حنا شاھ ۽ فياض شاھ کي گرفتار نه ڪري سگھي آهي انھن کي فوري طور گرفتار ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته پوليس ھن وقت تائين سيد اسد شاھ جي موبائل جو ڪوڊ کولرائي نه سگھي آھي

اسد شاهه ۽ امتياز ميراثي وڌيڪ رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي

راڻيپور (ن ع آ ) فاطمه ڦرڙو ڪيس جو مک جوابدار اسد شاھ ۽ سھولتڪار امتياز ميراثي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، ڪيس سي ٽي  ڊي پوليس سکر منتقل، وڌيڪ رمانڊ تي  سي ٽي ڊي پوليس سکر حوالي. خبر موجب فاطمه ڦرڙو ڪيس جي مک جوابدار اسد شاھ، سھولتڪار امتياز ميراثي کي رمانڊ پورو ٿيڻ بعد سي ٽي ڊي پوليس سکر ڪيس جي مُک جوابدارن اسد شاھ ۽ امتياز ميراثي کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، سي ٽي ڊي سکر پوليس جوابدارن جي 30 ڏينهن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي، جنهن ته عدالت جوابدار اسد شاھ ۽ امتياز ميراثي کي 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عدالت ٻاھران فاطمه ڦرڙو ڪيس جي وڪيلن ايڊوڪيٽ سپريم ڪورٽ نثار ڀنڀرو، ايڊوڪيٽ فرزانه کوسو، ايڊوڪيٽ، بختاور ايڊوڪيٽ امجد گبول، ايڊوڪيٽ سهيل ميمڻ، ايڊوڪيٽ ياسين ،ايڊوڪيٽ اقبال شر، ايڊوڪيٽ عائشه کنڊ ۽ ڳالھائيندي چيو ته ھن وقت تائين جوابدار اسد شاھ جو فون جو ان لاڪ ناهي ٿيو، جوابدار جو ليپ ٽاپ ۽ ٻيو موبائيل فون به ظاهر ناهي، گهڻيون شيون گم آهن جن جو پوليس کي پتو لڳائڻو آهي جاچ آفيسر تبديل ٿيو آهي موبائيل فون اڃان تائين ڪراچي ويل آهي، ھنن چيو ته عدالت جوابدار اسد شاھ ۽ امتياز ميراثي کي 5 ڏينهن جي ريمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي استدعا کي ھڪ مھيني جي استدعا ڪئي، ڪيس ڏاڏو حساس آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جوابدار اڃا وڌيڪ ريمانڊ ۾ ھجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.