ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) شاهد خاقان، ڊاڪٽر عاصم، مصطفيٰ ڪمال سميت ٻين سياستدانن جا ريفرنس احتساب عدالت منتقل ڪيا ويا، نيب آرڊننيس جي ختم ٿيڻ کانپوءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي .ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنس پهچي ويا، ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم ۽ اڳوڻي سٽي ناظم ڪراچي مصطفيٰ ڪمال سميت ٻين سياستدانن جا نيب ريفرنس واپس موڪليا ويا آهن، نيب قانون ۾ ترميم جي پارليامينٽ مان منظوري کانپوءِ احتساب عدالت مان اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو ريفرنس چيئرمين نيب ڏانهن واپس موڪليو ويو هو، ڊاڪٽر عاصم حسين، شرجيل ميمڻ، آغا سراج دراني، ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال، اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب شيخ، ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي جا ريفرنس واپس موڪليا ويا هئا، اڳوڻي سيڪريٽري بدر جميل مينڌرو، اڳوڻي ڊي جي ڪي ڊي اي ناصر عباس سميت ٻين جا ريفرنس به نيب چيئرمين ڏانهن واپس موڪليا ويا هئا، سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد نيب ترميمن ذريعي ختم ڪيل ڪيس بحال ٿيڻ بعد احتساب عدالتن ۾ هلندا.