ڀارت، ڪيناڊا ڇڪتاڻ، ڪينيڊين شهرين لاءِ ويزا بند

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ ڪينيڊين هاءِ ڪميشن جي سفيرن کي سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڀارت ۾ ڪينيڊين هاءِ ڪيمشن انڪشاف ڪيو ته سندس سفيرن کي سوشل  ميڊيا تي ڌمڪيون ملي رهيون آهن جنهن کانپوءِ هاءِ ڪميشن ۾ موجود اسٽاف کي عارضي طور ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪينڊين هاءِ ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ويزا معطلي ۽ اسٽاف کي ملندڙ ڌمڪين تي ڀارت طرفان ڪو ردعمل يا بيان جاري ناهي ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪينيڊين هاءِ ڪميشن طرفان اِهو بيان ان فيصلي جي ڪجهه ڪلاڪن بعد جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ڀارت ڪينيڊين شهرن لاءِ ويزا معطلي جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته ڀارت ۽ ڪينيڊين شهرين لاءِ ويزا سروس به ٻيو حڪم اچڻ تائين معطل ڪري ڇڏي آهي ۽ ڀارت اِهو فيصلو ڪينيڊين حڪومت طرفان خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل جي الزام کانپوءِ ڪيو. ڀارت ڪيناڊا کان دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، چيو ويو آهي ته ڪيناڊا دهشتگردن جي پناهه گاهه بڻيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.