ڪراچي ۾ بجلي ۽ گئس جي بندش خلاف احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بلوچ پل تي بجلي ۽ گئس جي عدم فراهمي تي احتجاج ڪيو ويو، بجلي ۽ گئس جي عدم فراهمي سبب پريشان  ماڻهو رستن تي نڪري آيا، محمود آباد جا رهواسي بلوچ پل تي سراپا احتجاج بڻجي ويا،  گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاهرين قيوم آباد ايندڙ ويندڙ روڊ بند ڪيو ته ٽريفڪ جي روانگي شديد متاثر ٿي، ٽريفڪ جام هجڻ جي ڪري آفيسن مان گهر ويندڙ ۽ ٻيا شهري ڏکيائين کي منهن ڏيندا رهيا، مظاهرين پاران بجلي ۽ گئس جي بندش ۽ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.