پٽ جي خون سان انصاف نه ٿيڻ تي صبر سان ويٺي ماءُ

ماريا اسماعيل

ڏهاڪن کان اسان جو سماج پرتشدد، انتها پسندي، فرقيواريت ۽ عدم برداشت جو شڪار رهيو آهي، ننڍين ننڍين شين لاءِ انسان هٿان جان ۽ مال جو نقصان ٿي رهيو آهي، هن تيزيءَ سان بگڙيل سماج ۾ تبديلي ڪيئن آڻي سگهجي ٿي؟ پر اڃا به ٿورا ماڻهو آهن، جيڪي سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اميد جي ڏيئي جيان چمڪي رهيا آهن، اهي ماڻهو آهن، جيڪي تشدد جو شڪار ٿيڻ باوجود امن کي ترجيح ڏين ٿا ۽ سماج ۾ امن لاءِ جدوجهد ڪن ٿا.
اهڙن ئي امن جي متلاشي ماڻهن منجهان عصمت مرتضيٰ به هڪ آهي، جيڪا پنجن ٻارن جي ماءُ ۽ ڪراچي جي ريلوي ڪالوني جي رهواسڻ آهي ۽ هوءَ گذريل ساڍن چئن ورهين کان قتل ٿيل پنهنجي پٽ دانيال جي قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي.
عصمت مرتضيٰ جي 18 ورهين جي پٽ دانيال کي 7 فيبروري 2018ع تي نمائش ۾ قائم ٽيوشن سينٽر تان واپسي وقت اڻڄاتل ماڻهو اغوا ڪري ويا هئا، عصمت مرتضيٰ جي مڙس پٽ جي ڪافي دير تائين گهر نه اچڻ تي کيس فون ڪيو ته سندس نمبر بند ٿي چڪو هو.
عصمت مرتضيٰ جو چوڻ هو ته سندس پٽ جي گم ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ کيس اڻڄاتل نمبر تان فون آيو، جنهن ۾ هڪ شخص دعويٰ ڪئي ته سندس تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي ۽ دانيال کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار دانيال کي آزاد ڪرڻ لاءِ 15 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو.
دانيال 52 ڏينهن تائين گم رهيو ۽ 31 مارچ 2018ع ۾ سٽي ريلوي ڪالوني ۾ بيٺل ٽرين جي پراڻي ڪوچ ۾ هڪ شرابي شخص لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس عصمت مرتضيٰ ۽ سندس گهرڀاتين کي گهرائي لاش جي سڃاڻپ ڪرائي.
پنهنجي جوان پٽ جو ڦوهه جواني ۾ اغوا بعد لاش ملڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن پهرين اپريل تي عصمت پنهنجي گهروارن سميت علائقو ڇڏي ڏنو ۽ سمورا فون نمبر بند/بلاڪ ڪري ڇڏيا ته جيئن ڪو به رابطو يا سندن پتو نه لڳائي سگهي ۽ خوف سبب خاندان ميڊيا جي آڏو اچڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.
پر واقعي باوجود عصمت مرتضيٰ خاموش نه ويٺي ۽ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا در کڙڪائيندي رهي، هڪ سال تائين سي پي ايل سي ۾ سندس درخواست تي انڪوائري هلائي وئي، پوءِ ڪيس ڪورٽ ۾ هليو ويو پر ثبوت نه هجڻ سبب عدالت ڪيس جلد بند ڪري ڇڏيو.
ساڍن چئن سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود نه دانيال جا قاتل گرفتار ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي سندس ماءُ کي انصاف مليو آهي، پر ان باوجود عصمت مرتضيٰ ھمت ناهي هاري، هوءَ اڄ به پرامن زندگي گذاري رهي آهي ان اميد ۾ ته هڪ ڏينهن جوابدار قانون جي ڪٽهڙي ۾ ايندا ۽ سندس پٽ کي انصاف ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.