”پاڪستان ورلڊ ڪپ نٿو کٽي سگهي“

ممبئي(ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي اسپنر هرڀجن سنگهه پاڪستان کي آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل جي دعويدارن جي فهرست ۾ خارج ڪري ڇڏيو .

هرڀجن سنگهه هندوستان ۾ ايندڙ مهيني عالمي ڪپ لاءِ سيمي فائنل ۾ پچهندڙ چئن ٽيمن بابت اڳڪٿي ڪئي آهي.

پنهنجي يوٽيوب چئنل تي تبصرو ڪندي، هرڀجن سنگهه آسٽريليا، ڀارت، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ کي فيورٽ قرار ڏيندي چيو ته اِهي چارئي ٽيمون سيمي فائنل ۾ پهچڻ ۽ ٽائٽل کٽڻ واري ڊوڙ ۾ شامل آهن.

اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته مون کي اميد آهي ته ڀارت ۽ آسٽريليا جو سخت مقابلو ڏسڻ وٽان ملندو ۽ جيڪو ميچ کٽيندو اِهو عالمي ڪپ کٽڻ لاءِ فيورٽ بڻجي ويندو، آسٽريليا به ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ آساني سان پهچي سگهي ٿو.

هن چيو ته  ڀارت ۽ انگلينڊ عالمي ڪپ جو سيمي فائنل کيڏڻ لاءِ فيورٽ آهن، جڏهن ته چوٿين ٽيم بابت ماڻهو چون ٿا ته پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿو پر پنجاهه اوورن جي فارميٽ ۾ پاڪستان ايوريج ٽيم آهي، پاڪستان ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏندي آهي، تنهنڪري منهنجي چوٿين چونڊ نيوزلينڊ هوندي.

ياد رهي ته آءِ سي سي ون ڊي عالمي ڪپ پنج آڪٽوبر کان شروع ٿيندو، ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ گذريل عالمي ڪپ جي فائنلسٽ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.