ڊالرانٽر بئنڪ ۾ سستو ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگو

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستاني رُپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي مُلهه ۾ لاٿ  رڪارڊ ڪئي وئي ۽ رُپيو وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي.  انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رُپيو ٻه پئسا سستو ٿي 293 رُپيا 88 پئسن تي بند ٿيو آهي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر هڪ رُپيو مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 297 رُپين جو ٿي ويو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾  گڏيل ڪاروبار جو رجحان رهيو ۽ 100 انڊيڪس 20 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 45889 جي سطح تي بند ٿيو. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ 12 ڪروڙ 93 لک شيئرز جا سودا ٿيا، اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪاروبار جي ماليت 3 ارب 63 ڪروڙ رپيا رهي. مارڪيٽ سرمائيداري 7 ارب رپيا وڌي 6 هزار 801 ارب رپيا ٿي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.