اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ۽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي قومي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو. هڪ انٽرويوءَ دوران راڻا ثناءُ الله چيو ته قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد قومي ڏوهاري آهن، مُلڪي جي معاشي صورتحال جا اصل ذميوار اِهي ماڻهو آهن. هن مطالبو ڪندي چيو ته باجوا ۽ فيض حميد کي پرويز مشرف وانگر انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.