ڪڍڻ (رپورٽ: بابو کوسو) يوسي عبدالله شاهه جي ڳوٺ محمد خاصخيلي ۾ جوابدار ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي سئوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن يونين ڪائونسل عبدالله شاهه جي ڳوٺ محمد خاصخيلي ۾ عبدالڪريم خاصخيلي سندس سئوٽ 55 سالن جي محمد حسن خاصخيلي کي ڪهاڙي جا وار ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن بعد فوتي جو لاش صحت مرڪز ڪڍڻ منتقل ڪيو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪڍڻ پوليس جوابدار عبدالڪريم خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو، ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار جو ذهني تواز ٺيڪ نه آهي.