سر (ڪانھن) ۽ سياري جي شروعات

تحرير: امير علي ملڪ

سنڌ جي سونھن سر بابت معلومات حاصل ڪنداسين ته سنڌ جي سونهن سر (ڪانھن) کي سنڌ جي ماڻھن پنهنجي محنت ۽ هنر سان بيڪار شئي کي ڪارآمد ڪري پنهنجي روزگار جو ذريعو ڪيئن بڻايو آهي .سڀ کان پهريان اچو ته ڏسون سر ڪٿي ٿيندو آهي ۔ اچي ڪٿان ٿو ۽ سر جا ڪيترا قسم ٿين ٿا ۔ سڀ کان پهريان هي سر خاص طور تي ڪچي يا ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٻنين جي ڪپرن ۔ ڍنڍن ۔ ڍورن ۔ واهن جي ڪنارن تي هي قدرتي ٻوڙو ٿيندو آهي ۔ چون ٿا ته سر جا جيڪي قسم ٿين ٿا ۔ هڪ (ڪانھن) جيڪو قد جو بندرو يا ننڍو ٿئي جنهن ۾ اهڙا ته اڇا اجرا گل ٿين جو دل باغ بھار ٿيو وڃي ۔ جڏهن ته ٻيا ڪوڙو سر ۽ سچو سر سڏجن ٿا ۔ ڪوڙو سر سيپٽمبر جي 20 تاريخ کان پوءِ  نسرڻ شروع ڪندو آهي آڪٽومبر تائين نسريو وڃين ۔ جيڪو سچو سر آ اهو چون ٿا سخت سيارو مطلب ڊسمبر ۾ نسري ۔ اڄ اسان توهان کي ان سر جي باري ۾ ٻڌائينداسين جنهن جي باري ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي چوي ٿو ۔

سَرَ نِسرِيا پاندَ، اُتَرَ لڳا، آءُ پِرِين.!

مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ.!

سَھِسين سُکائُون ڪَيون…!

وڏڙن جي اها ڳالھه  مشھور آھي ته  جڏھن سنڌ اندر سرڦاٽي ، ان جا گل نڪرندا ته  چٽن جي گرمي ختم ٿي ويندي،اتر جي هوا گُھلڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ گرمي جو زور ٽٽي ويندو آھي ۽ سياري جي مند جي شروعات ٿي ويندي آهي هاڻي ته  وڻجارن پيارن جي موٽڻ جي منڌ آئي آھي سرن جي ٻوڙن جون چوٽيون نسري ڦولارجي چڪيون آھن ۽ اڃا اتر جو واءُ لڳڻ شروع نه ٿيو آھي، هڪ سياري ۾ سپرين سفر تي روانا ٿيا ۽ ٻيو سيارو اچڻ وارو آھي ۔ڪنهن چيو آهي ته سر بيڪار شي آهي پر آءُ چوندس سنڌ جي سٻاجھڙن سر جي ٻوٽي کي غريب دوست ٻوٽو سڏيو ويندو آھي ۔ جيڪو غريب ۽ مسڪين پنھنجي اجھي،ڇپر ڇانو ۽ گھر جي صفائي لاءِ  ٻھاري جي ڪم آڻيندا آهن، سنڌ جي ماڻھن سر کي اھڙي ته محنت ۔ هنر سان ٺاهين جو ڏسيندي دل ٿڪجي ئي ڪا ن ۔۔۔۔۔۔! سنڌي ماڻھن سر جي ٻوڙي مان ڪرسيون ۔ ٽيبلون ۔ ڪڙا ۔ ڪڙيون ۔ دٻڪيون ۔ سرن جي ٻوڙن منجھان ڇپرا وغيره اهڙو ته طريقي ۽ هنر سان ٺاهين جو ماڻھو ڏسندو ئي رهجي وڃي ۔اسان جي سماج ۾ سر موسم جي تبديلي جي علامت پڻ سمجھيو وڃي ٿو ، سر جا اڇا اجرا چاندي ڦُل اونھاري ۽ سرءُ مند جو سنگم پڻ آھن ته  محبتي ماڻھن کي ان سان هڪ نئون اتساھه  ملي ٿو تڏھن ته  لطيف سائين سر نسرڻ کي ڀاڳوند ۽ نئين اميدن جو آغاز قرار ڏنو آھي،شال سر جا گل سنڌ واسين  لاءِ  امن، پيار، محبت ۽ سک جو پيغام گھر گھرکڻي اچن ۽ اوهان سڀني جا ويڙھا وسندا رهن ۔

هاڻي سياري جي شروعات ٿي رهي آهي ۽ گرمي جو زور آهستي آهستي ٽٽي رهيو آهي ۽ سياري جي شروعات کان اڳ هي تقريبن 5-6 هفتا اهڙي موسم رهندي آهي جنهن ۾ ڏينهن گرم ۽ رات گهميل ۽ ڪجهھ سرد ٿيندي آهي، سياري جي شروعات ۾ صبح جي جيڪا ماڪ ٿيندي آهي اها ماڪ بيمارين جو سبب بڻبي آهي. هن مند جو جيتن جي آبادي وڌي ويندي آهي، مکيون مڇر تمام گهڻا ٿي ويندا آهن تنهنڪري انهن کان پنهنجو بچاءُ ضرور ڪرڻ گهرجي جو مکيون کاڌي پيتي جي شين تي ويهي بيمارين جا جراثيم ڦهلائينديون آهن ۽ ان موسم ۾ مڇرن جا ميلا متل هوندا آهن ۔ مڇر وري رات جو چڪ پائي مليريا، ڊينگي ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين پکيڙڻ جو سبب ٿيندا آهن.

جيتن جي ان وڌندڙ آبادي کي ختم ڪرڻ لاءِ انسان جيڪي به  هٿرادو طريقا استعمال ڪندا آهن انهن ۾ گهڻو ڪري خطرناڪ زهر وڏي مقدار ۾ شامل هوندا آهن. اهڙا زهر وقتي طور تي ته  فائديمند محسوس ٿيندا آهن پر انهن جا گهڻ وقتي نقصان وري وقتي فائدن کان گهڻو وڌيڪ هوندا آهن. پر فطرت جو نظام وري انهن جيتن جي آبادي کي مناسب حد اندر رکڻ لاءِ پنهنجو الڳ انتظام ڪيو آهي.  توهان مشاهدو ڪندا ته  برسات جي مند سان گڏ جتي ٻيا جيت وڌي ويندا آهن ته  اتي ڀنڀورين جي آبادي ۽ ڏيڏر به  تمام گهڻا ٿي ويندا آهن. هي ٻئي ساهدار مڇرن جي آنن، ٻچن ۽ تيار مڇرن کي شوق سان کائيندا آهن. انهن کان سواءِ جيتن کي پنهنجي خوراڪ بڻائيندڙ پکي به  هن مند جو پري پري کان وڏو سفر ڪري هتي سنڌ اندر اچي پهچندا آهن جن کي اسان مهمان پکي سڏيندا آهيون. اهڙن مهمان پکين جي آمد سٻاجهڙي سنڌ اندر سياري جي شروعات سيپٽمبر مهيني کان ٿيندي آهي. پر وهيو (Rosy starling) جنهن کي اسان سنڌي ۾ ڦوسڻي چوندا آهيون ۔ اهڙو مهمان پکي آهي جيڪو سال جا تقريبن 9 کان 10  مهينا سنڌ ۾ گذاريندو آهي. باقي ٻيا گهڻا پکي 4 کان 6 مهينا سنڌ ۾ گذاري وري واپس هليا ويندا آهن.

جيتن تي گذارو ڪندڙ پکين جون جنسون سنڌ جون مقامي به  آهن ۽ سياري جي شروعات کان وٺي بهار جي موسم تائين سنڌ ۾ مهمان ٿي ايندڙ پکين مان به  وڏي اڪثريت ۾ اهڙن پکين جون جنسون هونديون آهن جن جي خوراڪ جو وڏو حصو جيت جڻيا ئي هوندا آهن. هن قدرتي نظام هيٺ جيتن جي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ پکين جو ڪردار اهم هوندو آهي انڪري پکين جي حفاظت ڪري انهن جي آبادي وڌائڻ ۾ بهرحال اسان انسانن جو ئي فائدو آهي. اسان سڀني جو فرض ٿو بڻجي ته  مقامي توڙي ٻاهران مهمان بڻجي ايندڙ پکين کي شڪارين کان بچايون جيڪي پنهنجي ٿورڙي تسڪين لاءِ انتهائي بيدرديءَ سان معصوم پکين کي ماريندا رهن ٿا يا قيدي بڻائي انهن جو وڪرو ڪن ٿا.

سنڌ اندر مسلسل ايندڙ مھمان پکين جي جنسن ۾ واڌ ٿيندي نظر اچي پئي ۔  جيتوڻيڪ انهن ۾ جهرڪين جو تعداد اڃان ٿورو آهي ۽ اهڙن ولرن ۾ 30 کان 50 يا 60 کن جهرڪيون مس هونديون آهن پر تنهن هوندي به  اها خوشي جهڙي ڳالهه آهي ۽ اميد ڪجي ٿي ته  جهرڪين جي آبادي ۾ به  ايندڙ سالن ۾ جهجهو اضافو ٿيندو.

ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ مھمان پکي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ زمين تي چڳي وري رات جو وڻن تي آرام ڪندا آهن . هي پکي جيت خور هوندا آهن ۽ خاص ڪري مال جي وٿاڻن تي به  رات جو ايندا آهن ۽ جانورن جي جسمن سان چنبڙيل چچڙ ۽ ٻيا جيت چونڊي چونڊي کائيندا آهن. اسان جا سٻاجهڙا ٻهراڙي جا ماڻهو وري غلط فهمي ۾ ائين سمجهندا آهن ته  هي پکي جانورن جو رت چوسڻ ٿا اچن ۽ ان خوف ۾ هنن کي ڀڄائڻ يا مارڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندا آهن. اسان کي گهرجي ته  ڳوٺاڻن ماڻهن کي درست معلومات فراهم ڪري سندن اهڙيون غلط فهميون دور ڪريون ته جيئن انهن ۾ هنن معصوم ۽ فائديمند پکين سان نفرت بجاءِ محبت جو جذبو پيدا ٿئي.

مھمان پکي سائيبيريا ۔ آفريقا ۽ ٻين ملڪن کان وڏو سفر ڪري هن مند ۾ اسان وٽ مھمان ٿي ايندا آهن  هي پکي زهريلا جيت کائي انهن جي آبادي گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. هي مهمان پکي هن موسم ۾ اترين علائقن کان اسان وٽ مهمان بڻجي ايندا آهن ۽ گرميءَ جي شروعات ۾ وري واپس هليا ويندا آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.