ملير ۾ ناقص ٽريفڪ سبب انساني جانيون داءُ تي لڳل

تحرير: جميل چانڊيو

دنيا چنڊ تي آباد ٿيڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي پر اسين پٿر واري دور ڏانهن تيزي سان وکون وڌائي رهيا آهيون سنڌ جيڪا پنج هزار سال اڳ موهن جي دڙي جي دور ۾ دنيا جي ترقي يافته قوم ۽ خطو هو جنهن سڀ کان پهريان ترقي جي راهه ۾ ٻين کان ڪجهه اڳڀري قوم هئي ۽ انهن دنيا ۾ پهريون دفعو ڦيٿو ۽ موهن جو دڙو دنيا جو جديد ترين خطو ۽ اتان جا سنڌي سولائيز هئا پوءِ جيئن جيئن ملڪ وجود ۾ آيو تيئن ترقي جي راهه تيزي طرف وڌي.

جڏهن پاڪستان اڃا نه ٺهيو هيو تڏهن انگريزن سنڌ جي ترقي ۾ خاص رٿابندين هيٺ سنڌ جي نهري نظام ريلوي، روڊ رستا، صحت تعليم ۽ روزگار جا ذريعا پيدا ڪيا. جيئن ئي هن ملڪ جي آزادي وجود ۾ آئي تيئن ئي ترقي جي راهه هموار تي خاص طور تي ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ملڪ ۾ صنعتي ۽ زرعي انقلاب جي پرچم ڪشائي ڪئي وئي جيڪا اڳتي هلي گهڻو وقت هلي نه سگهي. سنڌ ۾ سرڪاري طور تي هر شعبو پنهنجي بجيٽ تحت ڪم ڪري رهيو آهي پر ان شعبي ۾ هڪ اهم کاتو سنڌ پوليس جو آهي جيڪو مختلف حصن ۾ ورهايل آهي.

هتي اسان هڪ اهم ۽ سنگين مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ ضرور ٿا سمجهون ته ڪراچي جي دل ۽ گادي واري هنڌ جتي ڪروڙين انسان ۽ لکين ڪروڙين گاڏيون روڊن تي پنهنجي ڪرت هيٺ اچن وڃن ٿيون جنهن ۾ موٽر سائيڪل کان وٺي هيوي ٽرالر، ڪرينون، ڊمپر، ٽرڪون، لوڊر جي اچ وڃ شامل آهي. ڪراچي جو ضلعو ملير اهميت جوڳو ان ڪري سمجهيو وڃي ٿو جو ان ضلعي ۾ ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن، وسندين، واهڻن سميت شهر جو ڳچ حصو ٽريفڪ ذريعي داخل ۽ خارج ٿئي ٿو.

خاص طور تي ڪراچي جي گهگهر ڦاٽڪ، سپر هاءِ وي ۽ پورٽ قاسم ۾ ٽريفڪ جو نظام 24 ڪلاڪ هلندڙ آهي هن ضلعي ۾ ٽريفڪ پوليس سڳوري ٽريفڪ جي نظام کي درست ڪرڻ بدران هوءَ ڏينهن رات پنهنجا کيسا ڀرڻ واري نظام کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا. خاص طور تي اسٽيل ٽائون ٽريفڪ سيڪشن پورٽ قاسم سيڪشن لنڪ روڊ تي بيٺل ڊيوٽي ڏيندڙ ٽريفڪ عملدارن ته ڪمال ئي ڪري ڇڏيو جو پپري ۽ اسٽيل ٽائون جي مقام تي سخت ٽريفڪ جي نظام جي لتاڙ ۽ غيرقانوني ٽريفڪ جو اچڻ وڃڻ ۾ ڪنهن به قانون تي عملدارآمد نٿو ڪيو وڃي روز ڪيتريون ئي انساني جايون ڄاڻايل هنڌ تي ضايع ٿي چڪيون آهن اسٽيل ٽائون چوڪ، رڪشائون، ٺيلهن جي آيل حددخلين اچڻ وڃڻ وارن لاءِ سخت مشڪلات جو منهن ڏيڻو پيو آهي.

جڏهن ته هڪ پڊسٽرل برج جي سخت ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي ۽ عوام پاران ڪيترائي دفعا مطالبن جي باوجود پڊسٽرل برج حڪومت نه ڏيئي سگهي آهي. تازو هڪڙو اهڙو نوجوان پپري جي مقام تي اين ايل سي ٽرالر جي لپيٽ ۾ اچي ويو جنهن کي عبدالغفار چانڊيو جي نالي سان سڃاتو ويو جيڪو پنهنجي خاندان جو واحد ڪفيل هو سندس تعلق دادو ضلعي سان هو سندس وارثن اين ايل سي انتظاميه خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي. پر هتي هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حادثا آخر ڇو ٿا ٿين؟ تنهن جي سڄي ذميواري ٽريفڪ جي ناقص نظام تي اچي ٿي تنهن کي بروقت درست ڪري قانون تي عملدرآمد ڪرائي وڌيڪ انساني جانين کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.