هن وقت هڪ دفعو وري ملڪي عدالتي نظام بحث ۾ آھي ڇو ته نئين چيف جسٽس مان عوام کي وڏيون اميدون آھن جنهن اچڻ شرط سپريم ڪورٽ جي عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ جو حڪم ڏنو آھي جيڪا ڏيکاري به وئي عدالت جي وقار جي بحالي ۽ پوئتي پيل ڪيس، نئين چيف جسٽس لاءِ وڏا چئلينج آھن ڇو ته پاڪستان جي عدالتي سسٽم تي عوام جي اعتماد جي وڏي کوٽ آھي خاص طرح ملڪي عدالتن جو نمبر 146 هين نمبر تي آھي”اوھين منھنجن فيصلن ۾ ڏنل قرآني آيتون ۽ حديثون پنھنجين ميڊيا رپورٽن ۾ ڇو نٿا شامل ڪريو؟’’، جڏھن جسٽس فائز عيسيٰ اِهو سوال ڀرسان ويٺل ٻن ٽن صحافين کان پڇيو، ته اسان مان هر ڪنھن ان جو سبب بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر چيف جسٽس مطمئن نه ٿيو ۽ چيائين ته ”اوهان فيصلن کي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ پڙهندئو ته ڪو به شڪ شبھو نه رھندو.”
اهڙن خيالن جو اظھار جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صحافين پاران ڪوٺايل هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ان وقت ڪيو جڏهن ھو وقت کان ٿورو اڳ ۾ پهتو ۽ ’پريس روم’ ۾ ڪافي دير تائين ويھي صحافين سان ڪچھري ڪندو رهيو.جسٽس فائز عيسيٰ پروٽوڪول جي سخت خلاف آهي. ھو پنهنجي سرڪاري گھر کان ذري گھٽ ٻه ڪلوميٽر پنڌ ڪري سپريم ڪورٽ پھچندو آهي. رستي تي ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي ٿيندي ڏسندو آهي ته ڪيترا ئي ڀيرا اتي جو اتي حڪم جاري ڪري انهن تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.هڪ عام ماڻهوءَ وانگر رستن تي ھلڻ واري جسٽس فائز عيسيٰ جي سيڪيورٽي پوليس لاءِ ھميشه ھڪ وڏو مسئلو رهي آهي، ۽ هاڻ سندس چيف جسٽس ٿيڻ کانپوءِ ان حوالي سان ڪيترا اهم سوال پيدا ٿيندا.
پاڪستان جي ھِن 29 هين چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ جي ججن ۾ اختلاف جو تاثر ختم ڪرڻ، ھاڻوڪي سياسي صورتحال ۾ عدالت جي عزت ۽ وقار بحال ڪرائڻ ۽ 55 هزار کان وڌيڪ پوئتي پيل ڪيس حل ڪرڻ جھڙن وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو.جج جي حيثيت سان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا، جن ۾ عدالت سميت ڪنهن به اداري لاءِ ’محترم‘ جو لفظ استعمال نه ڪرڻ جي ’آبزرويشن’ ۽ عام شھرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏيڻ شامل آھي.
تعليم ۽ وڪالت: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 26 آڪٽوبر 1959 تي ڪوئيٽا ۾ جنم ورتو. پاڻ پاڪستان جي قيام جي تحريڪ جي اڳواڻ قاضي محمد عيسيٰ جو پٽ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ قلات جي وزير اعظم قاضي جلال الدين جو پوٽو آهي.سندس وڏا افغانستان جي صوبي قنڌار مان بلوچستان جي علائقي پشين ۾ اچي آباد ٿيا.
شروعاتي تعليم ڪوئيٽا مان حاصل ڪري ڪراچي مان ’اي ليول’ ڪرڻ کانپوءِ قاضي فائز عيسيٰ قانون جي تعليم لاءِ لنڊن ھليو ويو، جتان سن 1985 ۾ واپس اچي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي وڪيل طور پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيائين.پاڻ سنڌ، بلوچستان ۽ سپريم ڪورٽ ’بار’ جو ميمبر ته رھيو پر ’بار’ جي سياست ۾ ڪڏهن به حصو نه ورتائين.کيس بينڪنگ، ماحوليات ۽ سول قانونن جي شعبن ۾ به مهارت حاصل آهي. پاڻ ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي منصوبن ۾ قانوني صلاح ڪار پڻ رهي چڪو آهي.
بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيڻ کان اڳ جسٽس فائز عيسيٰ انگريزي اخبارن ۾ آئين ۽ قانون، تاريخ ۽ ماحول تي مضمون به لکيا. ان کانسواءِ پاڻ ھڪ ڪتاب ’ماس ميڊيا لاز اينڊ ريگيوليشن‘ جو گڏيل ليکڪ ۽ ٻئي ڪتاب ’بلوچستان ڪيس اينڊ ڊيمانڊ‘ جو ليکڪ پڻ آهي.قاضي فائز عيسيٰ وڪيل طور ڪڏھن به انھن ججن آڏو پيش نه ٿيو جن عبوري آئيني حڪم (پي سي او) تحت قسم کنيو ھيو.
اھم ڪيس ۽ فيصلا: سندس نالو پهريون ڀيرو اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي دور ۾ ان وقت سامهون آيو جڏهن کيس ’ميمو ڪميشن‘ جو سربراهه چونڊيو ويو.ان ڪيس جي ڪارروائي دوران پاڪستاني فوج جي ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ جو ان وقت جو سربراهه جنرل احمد شجاع پاشا به ڪميشن آڏو پيش ٿيو.سال 2017 ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد وچ ۾ فيض آباد جنڪشن تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي ڌرڻي واري سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس جو فيصلو جسٽس فائز عيسيٰ ئي جج طور جاري ڪيو.فيصلي ۾ ھُن انٽيليجنس ايجنسين ۽ فوج جي عوامي تعلقات واري شعبي کي پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ۽ چيو ته فوج ڪنهن خاص سياسي پارٽيءَ يا سياسي شخصيت جي حمايت نه ڪري.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف مبينه ڪرپشن ۽ ٽيڪس توڙي ملڪيت بابت ڄاڻ لڪائڻ تي صدارتي ريفرنس مئي 2019 ۾ سامهون آيو.صدر عارف علوي پاران سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڏانھن موڪليل ان ريفرينس کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، جنھن ۾ نيٺ اپريل 2021 تي جوڊيشل ڪائونسل سندس خلاف وڌيڪ ڪارروائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.جسٽس فائز عيسيٰ چيف جسٽس جو عهدو سنڀالي ، فل ڪورٽ ٺاهي ورتي .سپريم ڪورٽ جي جج قاضي فائز عيسيٰ آچر جي ڏينهن چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليندي ئي ’پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ’ جي معاملي تي فل ڪورٽ مقرر ڪيو آهي.سپريم ڪورٽ جو 15 ڄڻن جو فل ڪورٽ بينچ ان ڪيس جي ٻڌڻي سومر تي شروع ڪئي فل ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي مسلسل جاري رهندي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جو ’پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ’ چيف جسٽس آف پاڪستان جي اختيارن بابت آهي، جنهن کي پارليامينٽ منظور ڪيو هو.
سپريم ڪورٽ جي پوئين چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ اٺ رڪني بينچ ’پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ’ تي روڪ لڳائڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.ان ايڪٽ ۾ چيف جسٽس جي پاڻ مرادو نوٽيس جي اختيارن سميت مقدمن جي ٻڌڻيءَ جي لاءِ جيسيتائين ’سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ’ جو فيصلو نه ٿو ٿئي، هو ڪنهن به بينج جو حصو نه بڻبو.ان ڳالهه جو اظهار جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ملٽري ڪورٽس ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت ڪيس کان جدا ٿيڻ وقت ڪيو هو.
خيال رهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ’سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023’ منظور ڪيو هو.قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران قانون جي اڳوڻي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيف جسٽس آف پاڪستان جي اختيارن متعلق عدالتي سڌارن جو بل ايوان ۾ پيش ڪيو هو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جزيلا اسلم سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار مقررچيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڪاڙه، جزيلا اسلم کي ڊيپوٽيشن تي ٽن سالن جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار مقرر ڪيو آهي.ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ پاران سندس خدمتون رجسٽرار سپريم ڪورٽ جي طور تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي حوالي ڪرڻ متعلق خط لکيو ويو آهي.چيف جسٽس لاءِ ھن وقت مسنگ پرسنس جاڪيس ڪرپشن نائين مئي جا ڪيس پڻ اهم هوندا ان سان گڏوگڏ ملڪي عدالتن ۾ پيل لکين ڪيس عدالتي سرشتي لاءِ چئلينج آھن. سو شل ميڊيا تي مجموعي طرح مايوسي جي ماحول سبب نئين چيف جسٽس ۾ وڏيون اميدو نه رکيون ويون آھن پر ظاهر آھي ته عدالتون هن سموريسسٽم جو مجموعي طرح حصو آھن ان ڪري ڪا وڏي تبديلي اچڻ ناممڪن آھي.