”سردارن جي اجازت کانسواءِ ڪجهه نٿو ٿئي، سڄي سنڌ ڏوهن کان پاڪ بڻبي“

سکر (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته سنڌ جي ڌاڙيلن وٽ ٻه ئي رستا آهن، هڪ ته هٿيار ڦٽا ڪن يا وري قانون سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.

سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران صوبائي گهرو وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ سردارن جي اجازت کانسواءِ ڪجهه ناهي ٿيندو، اغوام ۾ ايم اين اي به ملوث نڪتو ته ان خلاف ڪاروائي ٿيندي.

هن چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ترجيحن ۾ شامل آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪچي جي ڌاڙيلن ۽ پڪي ۾ انهن جي سهولتڪارن خلاف هڪ ئي وقت آپريشن جاري آهي، ڪراچي سميت سڄي سنڌ کي ڏوهن کان پاڪ بڻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.