حڪمرانن جون شاهه خرچيون ختم ٿيڻ جو نالو کڻن ڪونه ٿيون. آخرڪار آهي ڪير جيڪو مهرباني ڪري ٻڌائي ته بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اڃان اضافو ڪيترو ٿيندو رهندو؟ اهيو سلسلو ختم ٿيندو يا نه؟ آهي ڪو خدا جو بندو جيڪو ٻڌائي ته هن بي حال قوم مٿان پيٽرول جا اگهه اڃان ڪيترا وڌندا رهندا؟ لڳي ٿو ته اهو طئه ڪيو ويو آهي ته بجٽ جو سمورو خسارو ۽ پي ڊي ايم حڪومت پاران اربن روپين جي ڪيل ڪرپشن جو پئسو عوام مان ٽيڪس جي مد ۾ ڪڍيو ويندو. مون کي خبر آهي ته بجلي جا ڪارخانا لڳائيندڙ انويسٽر سان گڏ حڪومت جيڪو معاهدو ڪيو هيو ان حساب سان ڪيپيسٽي پيمنٽ جي مد ۾ انهن کي ڊالرن جي صورت ۾ ادائگي جو شرط مڃي ڪري اسان هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهيون جنهن مان نڪرڻ لاءِ هاڻي ڪو رستو نه بچو آهي. ملڪ جي عوام کي ٻڌايو ته هي سڀ معاهدا پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ جي حڪومتن ڪيا هيا. اهيا کڏ به انهن ئي ٻنهي پارٽين عوام لاءِ کوٽي هئي جنهن جي اونهاهي ايتري ته گهري آهي جو عوام ڪرندو پيو وڃي پر اهيا کڏ ڀرجي ئي ڪونه ٿي.
حساب ڪتاب ٻڌائي ٿو ته بجلي جي بلن جي مد ۾ ساليانو 3700 ارب روپيا رڪوري ٿيندي آهي. اسان جي سسٽم ۾ بجلي چوري جي مد ۾ جيڪي ڌاڙا لڳن ٿا انهن جي لاڳت تقريبن 600 ارب روپين جي ويجهو آهي تقريبن 2250 ارب روپيا ڊالر جي صورت ۾ اسين آءِ پي پيز کي ڪيپيسٽي پيمنٽ جي صورت ۾ ادا ڪرڻا پون ٿا. اهڙي صورت ۾ صرف 900 ارب روپيا اسان کي بچن ٿا انهن ۾ واپڊا ملازمينن جون پگهارون يعني ملڪ جي پاور ورهائيندڙ ڪمپنين جي ملازمن جون پگهارون، مرمت ۽ ٻي مد ۾ خرچن سان گڏوگڏ ملڪ جي تباهه حال معيشت ان سڄي بار کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي.
اسان جي بجلي جي پيداوار ۽ ضرورت جن ڪارخانن جي وسيلي ٿيندي آهي اهي 70 سيڪڙو فرنس آئل تي هلندا آهن. ڪوئلي ۽ ايل اين جي گئس جي وسيلي بجلي تمام گهٽ مقدار ۾ پيدا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پاڪستان وٽ ٿرپارڪر جي صورت ۾ وافر مقدار ۾ ڪوئلو موجود آهي جيڪو اسان جي ملڪ جون ضرورتن کان به تمام گهڻو آهي. ۽ حڪومت ڄاڻي واڻي سنڌ جي لاکڙا پاور هائوس کي ڪافي سالن کان بند ڪري ڇڏيو آهي جيڪو صرف ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪندڙ ڪارخانو آهي ان جي بند ڪرڻ سان الائي جي ڪيترا مزدور ۽ آفيسر بيروزگاري جي عالم ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته موجوده نگران حڪومت بجلي سيڪٽر کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ لاکڙا پاور هائوس تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان کي ٻيهر هلائي ان مان بجلي پيدا ڪئي ويندي. جنهن سان بيروزگاري ٿيل آفيسر ۽ مزدور روزگار سان لڳي ويندا ۽ ٻيو ملڪ جي توانائي جون ضرورتون پڻ پوريون ٿي وينديون. ان کان علاوه تعجب ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان وافر مقدار ۾ بجلي پيدا ٿي رهي آهي ۽ مٽياري ۾ قائم نيشنل گرڊ ۾ جمع ٿي رهي آهي ۽ ان کان به وڌيڪ باقي بجلي ضايع ٿي رهي آهي. بحرالحال فرنس آئل جون سڀ ادائيگيون ڊالر جي صورت ۾ ڪرڻي پوندي آهي.
اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت به پنهنجي بجلي جي پيداوار وڌائڻ جي صلاحيت جي لاءِ اهڙا ڪارخانا لڳايا آهن پر اهي سڀ ادائيگيون ڀارتي ڪرنسي ۾ ڪري رهيو آهي. پر وري دلچسپ ڳالهه اهيا به آهي ته ڀارت ۾ تقريبن 19 کان 20 سيڪڙو ماڻهو بهتر نموني حڪومت کي ٽيڪس ڏين ٿا. جيڪو اسان وٽ ٽيڪس ڏيڻ جو لاڙو آهي ئي ڪونه ۽ اسان وٽ ٽيڪس وصول ڪندڙ ڪرپشن ڪندي ادارن کي نقصان پهچائن ٿا. اسان وٽ ٽيڪس نيٽ صرف 9 سيڪڙو ماڻهو ڏين ٿا هاڻي اندازو لڳايو وڃي ته اسين ٽيڪس جي مد ۾ ڀارت سان به مقابلو نه ٿا ڪري سگهون. ۽ اسان وٽ ڀارت جي مقابلي ۾ چوري جي شرح تمام گهڻي آهي ان نظام ۾ ويجيلينس تمام سٺو ۽ لائين لاسز ڀارت ۾ تمام گهٽ آهي يعني زيرو جي برابر اسان وٽ لائين لاسز تمام وڌيڪ آهن. پاڪستان ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ اهڙا شهر به آهن جتي 50 کان 80 سيڪڙو بجلي چوري ٿئي ٿي. ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ اهڙا شهر به آهن جتي بجلي جو بل ڏنو ئي ڪونه ٿو وڃي. ۽ بجلي ڏنڍي جي زور تي چوري هلائي پئي وڃي. ان کي روڪڻ لاءِ ننڍڙو ملازم ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي.
پنجاب جي ڪجهه علائقن ۽ ننڍن وڏن شهرن ۾ بجلي جي چوري جي شرح 40 سيڪڙو آهي ان ۾ زراعت جي لاءِ هلندڙ ٽيوب ويل ۽ ٻئي مشينري ۾ بجلي چوري جو رجهان تمام گهڻو آهي. سرحد ۾ ڪجهه اهڙا علائقا آهن جتي بجلي جو بل 80 سيڪڙو ڏنو ئي ڪونه ٿو وڃي. دلچسپ ڳالهه اهيا آهي ته ان چوري ۾ خود واپڊا ۽ ڪي اِي ايس سي جا اهلڪار ملي ڀڳت ڪري بجلي چوري ڪرائن ٿا. ۽ اهيا ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي. ڪراچي ۾ 15 کان 20 سيڪڙو گهريلو بجلي استعمال ڪندڙ ۽ تقريبن ايترو ئي سيڪڙو بجلي صنعتي يونٽن ۾ چوري ڪئي ٿي وڃي. جنهن ۾ عملو ملوث آهي. حيران ڪندڙ ڳالهه اهيا آهي ته جڏهن به انهن جي خلاف ڪا وڏي ڪاروائي جي شروعات ٿيندي آهي ته پوءِ اهي روڊ رستا بند ڪري ۽ احتجاجن طور دوڪان بند ڪرائيندا آهن. پوءِ ٿيندو ڇا آهي ته انهن کان ووٽ وٺندڙ بااثر ماڻهو انهن جي سرپرستي جي لاءِ ميدان مان نڪري ويندا آهن. جنهن سان اسان جي ملڪ جي ادارن کي وڏو نقصان پئجي رهيو آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومت پنهنجي غلط معاهدن، ناقص فيصلن ۽ پنهنجي غلطين جو بار عوام تي جنهن رفتار سان منتقل ڪري رهيا آهن ان سان عام پاڪستاني جو حال تمام برو ٿي ويو آهي. ۽ اهڙو ڪو به امڪان في الحال نه آهي جو ان کي ڪا بريڪ لڳي سگهي. پاڪ فوج جي جنرل حافظ عاصم منير پاڪستان ۾ بليڪ مارڪيٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جنهن آپريشن جا حڪم صادر فرمايا آهن انهن جو نتيجو اسان جي سامهون اچڻ شروع ٿي ويو آهي. چيني مافيا خلاف جيڪو آپريشن ڪيو پيو وڃي ان مان موجوده مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه 223 روپين مان گهٽجي 150 روپي تي اچي ويو آهي. مني اڪسچينج ڪمپنين خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ حواله هنڊي جي ڪاروبار کي بند ڪرڻ لاءِ ۽ افغانستان ڏانهن ڊالرن جي اسمنگل کي بند ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جي معيشت ۾ ڪجهه بهتري اچي رهي آهي. ان کان علاوه ايران جي سرحد کان روزانو 27000 بيرل پيٽروليم جي اسمنگل ۽ ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جي لاءِ سون جي خريد و فروخت کي روڪڻ سان پاڪستان جو روپيو آهستي آهستي مضبوط ٿيندو پيو وڃي اهيو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيو جڏهن آرمي چيف ملڪي معيشت کي بچائڻ لاءِ مافياز جي خلاف ڏنڊو ڦيرايو آهي. ۽ ان جا نتيجا تمام بهتر اچڻ شروع ٿي ويا آهن ان کان علاوه ملڪ ۾ ڊالرائيزيشن ڪندڙن خلاف به وڏو ڪريڪ ڊائون جاري آهي جنهن سان روزانو خبرون اچن ٿيون ته لکين ڊالر پڪڙيا پيا وڃن. جنهن سان ڊالر جو ريٽ روزانو مارڪيٽ ۾ گهٽ ٿي رهيو آهي. آرمي چيف ڊالر کي هر قيمت تي گهٽ ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي پنهنجو نيٽ ورڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ مختلف ايجنسيون ڪم ڪري رهيون آهن.
بجلي جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ آءِ پي پيز سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجون مشڪلاتون ٻڌائي ان کي مڃائڻ گهرجي. ماڻهن جي لاءِ ڪجهه سهولتون وٺڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن کي بهتر کان بهتر رليف ملي سگهي. روزانو استعمال ٿيندڙ شين ۾ حڪومت کي سبسڊي ڏيڻ گهرجي ۽ حڪومت جيڪو راشي آفيسرن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ پلان جوڙيو آهي نيب وسيلي ان تي سختي سان عمل ٿيڻ گهرجي. پئسن خاطر مختلف کاتن ۾ جائز فائيلن کي لڪايو پيو وڃي ته جيئن ماڻهن مان ڪرپشن جي مد ۾ پئسو ڪڍي سگهجي. انهن جي نڙي تي لت اچي ويئي آهي. موجوده حالتن کان پهريان اهي آفيسر ۽ سياستدان اربين روپين جا بريف ڪيس ڀري گهر کڻي ويندا هيا. جيڪي في الحال گهٽجي ويا آهن. انهن صنعتڪارن هول سيلز ۽ ريٽلرن تي هٿ وجهڻ تمام ضروري آهي جيڪي اربين روپين جي ٽيڪس هر سال چوري ڪن ٿا. پر حڪومت انهن کي هٿ وجهڻ بجاءِ غريب عوام جي نڙي تي لت ڏئي ساهه ڪڍي رهي آهي.
هن وقت جيڪو بجلي چورن جي حوالي سان ڪريڪ ڊائون هلي رهيو آهي ان ۾ به غريب عوام ئي سٽجي رهيو آهي. حڪومت کي گهرجي ته زراعت تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ زميندارن تي ٽيڪس مڙهي وڃي. انهن ماڻهن کي پڪڙيو وڃي جيڪي ارب روپين جي ايڪسائيز ڊيوٽي سرڪاري ملازمن سان ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪئي وڃي ٿي. انهن ماڻهن کي به بخش نه ڪيو وڃي جيڪي بجلي ۽ گئس چوري ڪري ڪروڙين روپيا هڙپ ڪيا وڃن ٿا چاهي ان ۾ سرڪاري ملازم ملوث ڇونه هجي. واپڊا جي انهن ملازمن کي پڪڙيو وڃي جيڪي پنهنجي منظور نظر ٺيڪيدارن جي مدد سان تارون ۽ پول هيڏانهن ۽ هوڏانهن ڪري ڇڏين ٿا. ٽرانسفارمر غائب ڪيا وڃن ٿا. سرڪاري اسپتالن ۾ ڪروڙين روپين جي دوائن جي هيرڦير ڪئي وڃي ٿي ۽ مريضن کي اهي دوائون ملن ئي ڪونه ٿيون انهن ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي جيڪي چڪاس جي صورت ۾ غريب اٻوجهه ماڻهن کان وڏيون ڦيهون اوڳاڙي رهيا آهن. انهن سياستدانن جي ڳچي ۾ هٿ وجها وڃن جيڪي ترقياتي فنڊن جا پئسا هڙپ ڪري ڇڏين ٿا. بحرالحال مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ 85 سيڪڙو هر شيءِ چوري ٿئي ٿي.. هن وقت ماڻهو کي هڪ ويلي جو ڳڀو به ميسر ناهي. روزگار ناهي، صحت ناهي، تعليم ناهي ماڻهن کي سائيفر سان ۽ ٻين شين سان ڪو مطلب ناهي ته ڪير ايندڙ اليڪشن ۾ حڪمران بڻجندو عوام جون نظرون اوهان ۾ ئي کتل آهن. حڪمرانن عوام کي بلڪل گهاڻي ۾ پيڙهيندي عوام لاءِ وڏي کڏ کوٽي ڇڏي آهي جنهن ۾ عوام کي ووٽ وٺڻ کان پوءِ ان کڏ ۾ دفن ڪيو ويندو.