بلوچستان جي 6700 اسڪولن ۾ رڳو هڪ استاد مقرر هئڻ جو انڪشاف

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي اداري يونيسيف بلوچستان جي سرڪاري اسڪولن جي حالت بابت لڙڪ لاڙيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.

ڪوئيٽا ۾ تعليم واري نگران صوبائي وزير سان يونيسيف جي وفد ملاقات ڪئي ۽ تعليم بابت لاڳاپيل بريفنگ ڏني.

يونيسيف جي رپورٽ موجب بلوچستان ۾ چار هزار اسڪولن ۾ باٿرومز جي سهولت ناهي جن ۾ نياڻين جي اسڪولن جو انگ وڌيڪ آهي.

يونيسيف موجب بلوچستان جي ستهٺ سئو اسڪولن ۾ رڳو هڪ استاد مقرر آهي، تعليمي ادارن ۾ سهولتون ۽ استادن جي کوٽ جا ناڪارا اثر تعليم تي پون ٿا.

تعليم واري نگران صوبائي وزير جو چوڻ هو ته هر مهيني ۾ تعليم کاتي ۾ لڳ ڀڳ چار سئو استاد رٽائر ٿي وڃن ٿا، نئين ڀرتين جو عمل سستي سان هلندو آهي، ڇٽيهه مان يارهن ضلعن ۾ ڪوٽا تي مقررين جا آرڊر ڏنا آهن، سئو ڏينهن جي پلان تحت ڏيڍ سئو پرائمري اسڪولن کي مڊل جو درجو ڏيڻ تي ڪم جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.