حيدرآباد: ڪسٽم انسپيڪٽر جي گهر مان قيمتي گاڏيون، 50 کان مٿي هٿيار ۽ سون هٿ

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ)حيدرآباد ۾ وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي ڪسٽم انسپيڪٽر جي گهر ۾ ڇاپو هڻي اسمگل ڪيل چا قيمتي نان ڪسٽم گاڏيون، هٿيار ۽ ڪرنسي هٿ ڪري ورتي آهي.

اختيارين موجب ڪسٽم انسپيڪٽر جي گهر ۾ ڇاپي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڇاپي ۾ اڻويهه شارٽ گنز، ٽيٽيهه ريفلون، پسٽول ۽ ڪارتوس هٿ ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته چار نان ڪسٽم گاڏيون، هڪ ڪلو سون جا زيور، پنج لک ڪيش ۽ ڪيترائي قيمتي جانورن جا ڌانچا به ضبط ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ جي متن موجب ظاهري طور لڳي ٿو ته اسمگلنگ ۾ ملوث آهي، جڏهن ته جاچ کانپوءِ خبر پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.