سنڌ ۽ بلوچستان سان ناانصافي، سنڌ کان ڪي پي جي ووٽن ۾ وڌيڪ واڌ

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ووٽرن جو انگ 12 ڪروڙ 69 لک 80 هزار 272 ٿي  ويو آهي، 2018ع ۾ ووٽرن جو انگ 10 ڪروڙ 59 لک 55 هزار 409 هو. 2023ع ۾ اسلام آباد ۾ ووٽرن جو انگ 10 لک 41 هزار 554 تائين پهچي ويو، 2018 ۾ اهو انگ 7 لک 65 هزار 447 هو. پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 11 ڪروڙ کان وڌي ويو. 2023ع ۾ پنجاب ۾ ووٽرن جو انگ وڌي 7 ڪروڙ 23 لک 10 هزار 582 ٿي ويو، 2018ع ۾ اهو 6 ڪروڙ 6 لک 72 هزار 771 هو. سنڌ ۾ ووٽرن جو انگ وڌي 2 ڪروڙ 66 لک 51 هزار 161 ٿي ويو، 2018ع ۾ اهو انگ 2 ڪروڙ 23 لک 91 هزار 244 هو. خيبرپختونخواهه ۾ ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 16 لک 92 هزار 381 ٿي ويو، پنج سال اڳ اهو انگ 1 ڪروڙ 53 لک 14 هزار 169 هو. بلوچستان ۾ انگ 52 لک 84 هزار 595 ٿي ويو آهي، 2018 ۾ اهو انگ 42 لک 99 هزار 494 هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.