هرديپ سنگهه قتل تي ڀارت ۽ ڪيناڊا ۾ ڇڪتاڻ، سفيرن کي نيڪالي

نئين دهلي/اوٽاوا (م ڊ) ڪئناڊا جي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪينيڊين وزيرِ اعظم جسٽن ٽروڊو جو چوڻ آهي ته مُلڪي ڳجهن ادارن هرديپ جي موت ۽ ڀارتي حڪومت وچ ۾ تعلق جي نشاندهي ڪئي آهي. جواب ۾ اڱاري ڏينهن ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر چيو ته اسان ڪئناڊا جي وزيراعظم ۽ سندس  پرڏيهي وزير جا بيان رد ڪيون ٿا. اهڙي قسم جا بي بنياد الزام خالصتاني دهشتگردن ۽ انتها پسندن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جيڪي ڪئناڊا ۾ پناهگير آهن. ڀارت ۽ ڪينيڊين حڪومت جا لاڳاپا وڌيڪ بگڙي ويا آهن، ڪئناڊا ڀارتي سفير کي مُلڪ ڇڏڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪئناڊا ۾ ڀارتي ڳجهي اداري را جي سربراهه کي مُلڪ نيڪالي ڏني وئي آهي. هوڏانهن ڀارت به ڪئناڊا جي هڪ سينيئر سفارتڪار کي مُلڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته خالصتان تحريڪ جي حامي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر کي ڪئناڊا ۾ 18 جون تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، سندس قتل خلاف سکن طرفان لنڊن سميت مختلف مُلڪن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.