ڪراچي( رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪيو. جماعت اسلامي پاران ڪراچي ۾ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي هنڌن تي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪيو ويو. جماعت اسلامي پاران اڱاري ڏينهن ڪورنگي، اورنگي ٽائون، شيرشاهه چوڪ، ملير 15، واٽر پمپ شاهراهه پاڪستان، قائد آباد ۽ ايم اي جناح روڊ سميت شهر جي 19 هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي جي مظاهري ۾ شاهراهه فيصل نرسري اسٽاپ تي ماڻهن گاڏيون پارڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو ته وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن وٽ ڪيتريون ئي گاڏيون آهن ۽ عوام پيٽرول جو خرچ برداشت ڪري رهيو آهي، پر هاڻ اهو ڪم نه ٿيندو ته مفت پيٽرول ملي ٿو. اشرافيه لاءِ بجلي، مهانگائي سبب ماڻهو ٻه وقت کائي به نٿا سگهن. حافظ نعيم الرحمان چيو ته ماڻهو پڇن ٿا ته اربين رپيا ڪمائڻ وارن زميندارن ۽ وڏيرن تي ٽيڪس ڇو نه لڳايو وڃي؟ اسان جو مطالبو آهي ته وڏيرن ۽ زميندارن تي ٽيڪس لڳايو وڃي ۽ عوام لاءِ بجلي ۽ پيٽرول سستو ڪيو وڃي. مظاهري ۾ عورتن کان علاوه واپاري اڳواڻن عتيق مير، محمود حامد ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.