اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيٽ ۾ آصف زرداري جي موقف کي ساراهيو آهي.جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته آصف زرداري بلاول ڀٽو جا هٿ ٻڌي ڇڏيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اڳوڻو صدر پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين جا هٿ کوليندو ته اسان واپس 80 واري ڏهاڪي ۾ هليا وينداسين.اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته آصف زرداري جو موقف سٺو آهي، هو ن ليگ سان وڙهڻ نٿو چاهي.