نزلي ۽ زڪام کان بچڻ لاءِ هي بهترين طريقا ڄاڻيو؟

موسم هاڻي جيئن جو تيئن تبديل ٿي رهي آهي ۽ ان جو مطلب آهي ته نزلي زڪام جهڙيون موسمي بيماريون گھڻيون پکڙجڻ واريون آهن.

پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته نزلي زڪام يا کنگهه کان بچڻ گھڻو سولو آهي ۽ رڳو هڪ شيءِ ياد رکڻ ضروري آهي.

۽ اها آهي هٿ ڌوئڻ.

جي ها واقعي هٿن کي سڄي ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا ڌوئڻ اوهان کي موسمي نزلي زڪام کان بچائڻ جو اثرائتو طريقو آهي.

ماڻهو موسمي بيماري کي ڇو منهن ڏيندا آهن؟

موسمي بيماريون پکڙجڻ جو سڀ کان وڏو سبب اسان پاڻ ئي هوندا آهيون.

جڏهن ڪو بيمار فرد کنگھندو آهي يا نِڇَ ڏيندو آهي ته جراثيم مختلف هنڌن جهڙوڪ، فون، ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ، ميز يا اهڙن ئي هنڌن تي پهچي ويندا آهن.

ائين ان وقت به ٿيندو آهي جڏهن ڪو بيمار فرد وات کي هٿ سان ڍڪي کنگھندو آهي يا نِڇَ ڏيندو آهي ۽ پوءِ هٿن سان مختلف شين کي ڇُهيندو آهي.

پوءِ جڏهن ڪو صحتمند فرد انهن جراثيمن سان آلودا شين کي ڇُهڻ کان پوءِ نڪ ۽ وات تي هٿ هڻندو آهي ته جراثيم جسم ۾ منتقل ٿي ويندا آهن ۽ اهو بيمار ٿي ويندو آهي.

هٿ ڌوئڻ ڪنهن تحفظ فراهم ڪندو آهي؟

موسمي بيمارين جو سبب بڻجندڙ ڪجهه وائرس مختلف شين جي سطح تي ڪلاڪن تائين زندهه رهي سگھن ٿا.

اهو ئي سبب آهي جو هٿ ڌوئڻ انهن جراثيمن کي جسم جي اندر پهچڻ کان روڪڻ لاءِ بهترين طريقيڪار آهي.

جيڪڏهن اوهان بيمار آهيو ته هٿن کي ڌوئڻ سان جراثيمن کي پکڙجڻ کان ڪنهن حد تائين روڪڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

هٿ ڌوئڻ سان موسمي بيمارين کان بچاءَ جي حوالي سان شاهديون به موجود آهن.

هڪ طبي پروگرام دوران ماڻهن کي سڄي ڏينهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 5 ڀيرا هٿ ڌوئڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ ٻن سالن تانهن انهن جو جائزو ورتو ويو.

نتيجن مان خبر پئي ته هٿن کي ڌوئيندڙ ماڻهن ۾ ساهه کڻڻ جي مظام جي مرضن جي شرح ٻين جي ڀيٽ ۾ 45 سيڪڙو گھٽ هوندي آهي.

هٿن کي ڪيئن ڌوئڻ گھرجي؟

روز مرهه جي زندگي جي مصروفيتن ۾ گھڻا ماڻهو درست طريقي سان هٿ ناهن ڌوئيندا.

ان مقصد لاءِ پهريان هٿن کي پاڻي سان آلو ڪريو ۽ پوءِ صابڻ لڳايو.

صابڻ جي گَجُ کي 20 سيڪنڊن تائين سٺي طرح هٿن تي رهڙيو، ڪارائين، آڱرين جي وچ ۾ ۽ ننهن جي اندر به رهڙيو.

ان کان پوءِ هٿن کي سٺي طرح ڌوئي ڇڏيو ۽ پوءِ خشڪ ڪري وٺو.

سڄي ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا هٿ ڌوئڻ موسمي بيمارين کان بچائي ٿو؟

ان جو انگ ته طئي ناهي پر سڄي ڏينهن ۾ هو ڪم ڪرڻ گھرجي، مثال جي طور تي کائڻ کان اڳ ۽ بعد ۾، ٽوائلٽ وڃن کان پوءِ، آفيس يا اسڪول پهچڻ کان پوءِ، گوشٽ، ڪچي ڀاڄي يا گند کي هٿ لڳائڻ کان پوءِ هٿن کي ڌوئڻ گهرجي.

اهڙيءَ طرح کنگھڻ يا نڇ ڏيڻ کان پوءِ به هٿن کي ڌوئڻ گھرجي.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن جي ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.

هي به ڏسي سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.