ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا سومي علي سپر اسٽار سلمان خان جي گرل فرينڊ طور سڃاڻپ کي پنهنجي لاءِ سڀ کان وڏي ” لعنت“ قرار ڏئي ڇڏيو.
نوي جي ڏهاڪي جي مشهور بالي ووڊ اداڪارا سومي علي هڪ بيان ۾ چيو ته سلمان خان جي گرل فرينڊ طور سڃاڻپ سندس لاءِ سڀ کان وڏي لعنت آهي.
سندس چوڻ هو ته هن آمريڪا ۾ بهترين ڪم ڪيو ۽ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو پر ان باوجود ماڻهو کيس سلمان خان جي اڳوڻي گرل فرينڊ طور سڃاڻن ٿا جيڪا هن لاءِ سڀ کان وڏي لعنت آهي.
هن چيو ته سلمان خان هلندڙ سال 59 يا 60 سالن جو ٿي ويندو پر سندس رويو هاڻي به اسڪولي ٻارن جهڙو آهي، عدم تحفظ جو شڪار هئڻ سبب ٻين کي هراسان ڪندو آهي.
سومي علي الزام لڳائيندي چيو ته سلمان خان ماڻهن کي سندس خلاف ورغلائي رهيو آهي ۽ ڇوڪرين کي سلمان خان جي حقيقت ڄاڻڻ ۾ ڪيئي ورهيه لڳي ويندا آهن.
وڌيڪ انڪشاف ڪندي چيوته هن جو ڪيئي ورهين کان بالي ووڊ سان ڪو رابطو ناهي ٿيو، بالي ووڊ جو نالو ذهن تي ايندي کي سلمان خان ياد ايندو آهي، جنهن کانپوءِ هوءَ مايوس ٿي ويندي آهي.
You might also like