حڪومت پاران ڊجيٽل ڪرنسي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) مُلڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪاري ناڻي کي روڪڻ، رُپئي جي مُلهه کي بهتر بڻائڻ ۽ مختلف قسم جي ادائيگين لاءِ حڪومت ڊجيٽل ڪرنسي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڊجيٽل ڪرنسي جي قدر پاڪستاني رُپئي جي برابر هوندي جيئن چين جي ڊجيٽل ڪرنسي جو هڪ يونٽ چيني يوآن جي برابر آهي ۽ ان فيصلي کي اسٽيٽ بئنڪ جي مڪمل حمايت حاصل آهي.

اِها پيپر ڪرنسي جيان ليگل ٽينڊر يعني حڪومتي ضمانت جي بنياد تي جاري ٿيندي، ڊجيٽل ڪرنسي جي تياري لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڏس ۾ ماهرن جون خدمتون به حاصل ڪيون پيون وڃن.

ان لاءِ سينٽرل بئنڪ ڊجيٽل ڪرنسي ( سي بي ڊي سي ) جي نالي سان هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو ان جي لاڳت ۽ ٻين عملن جو جائزو وٺي رهيو آهي ته جيئن هر رخ کي نظر ۾ رکيو وڃي ۽ ڊجيٽل ڪرنسي شروع ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن قسم جي کوٽ يا خرابي باقي نه رهي.

رٿا اِها آهي ته هوريان هوريان ان کي جاري ڪيو وڃي ۽ ڪاغذي نوٽن جو واهپو گهٽايو وڃي، آخر ۾ نوي سيڪڙو ڊجيٽل ڪرنسي جو استعمال ٿيندو ۽ ڪاغذي نوٽن جو رڳو ڏهه سيڪڙو انگ رهجي ويندو، اِهو به صرف ان لاءِ جو جيڪڏهن ڪو وڏو مسئلو ٿي وڃي ته متبادل ڪرنسي موجود هجي، سسٽم بلڪل جامد ( بيهي) نه وڃي.

ڊجيٽل ڪرنسي شروع ڪرڻ سان ڪاغذي نوٽ ڇاپڻ، انهن کي مختلف شهرن ۽ ٻهراڙين تائين حفاظت سان پهچائڻ تي ايندڙ لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ گڏوگڏ پراڻي نوٽن کي ختم ڪرڻ وارو عمل تي ايندڙ خرچ به گهٽجي ويندو.

ٻئي پاسي نوٽ ڇپجي ورهائجي ويندا آهن پر ڪٿي ۽ ڪنهن مقصد ۾ استعمال ٿيندا آهن اِهو پتو ناهي پوندو پر ڊجيٽل ڪرنسي نظام ۾ ڪرنسي ذريعي ڪئي ويندڙ ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ هوندو، جيئن رڳو ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ جي جي ڊبل اينٽري رڪارڊ ڪيپنگ نه ٿيندي پر هڪ ٽين مڪمل رڪارڊ مينٽينگ ٿيندي، ائين مانيٽري پاليسي جو بهتر ۽ اثرائتو طريقو لاڳو ٿي سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.