ڳورهاري زال جو زبردستي ويم ڏيکارڻ تي مڙس اسپتال انتظاميا خلاف عدالت پهچي ويو

آسٽريليا ۾ هڪ مڙس ڳورهاري زال جو آپريشن ڏسڻ لاءِ زور ڏيڻ تي اسپتال انتظاميا تي 1 بلين آسٽريلوي ڊالر ڏنڊ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اوقعو 2018ع ۾ آسٽريليا جي شهر ميلبرن ۾ پيش آيو هو جتي مڙس انيل ڪوبلا کي پنهنجي ڳورهاري زال جي ويم لاءِ ٿيندڙ آپريشن ڏسڻ لاءِ زور ڏنو ويو هو.
ميڊيا رپورٽس موجب ٻار جي ويم جي 4 ورهين کان پوءِ مڙس انيل اسپتال انتظاميا جي خلاف ميلبرن جي وڪٽوريا سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو جنهن ۾ مڙس اسپتال طرفان هن کي نفسياتي طور تي دٻاءَ ۾ رکڻ جو الزام لڳايو.
هن مبينا طور تي الزام لڳايو ته اسپتال کيس ذهني طور تي نقصان نقصان پهچايو آهي ۽ هو پنهنجي زال جي رت ۽ عضون کي ڏسي نفسياتي بيماتي ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.

هن ڪيس ۾ چيو ته جيتوڻيڪ ٻار جي ڊليوري جو آپريشن ڪامياب رهيو. پر اسپتال انتظاميا منهنجي صحت کي متاثر ڪيو جنهن سبب هنن جي شادي به ٽٽي وئي آهي.
گذريل ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عدالت فيصلو ٻڌائيندي مڙس جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قانون ڪنهن به شخص کي غير اقتصادي نقصان لاءِ ڏنڊ جي وصولي جي اجازت ناهي ڏيندو جيستائين ان جو نقصان حقيقي نه هجي.
ميڊيا رپورٽس موجب مڙس انيل جو طبي معائنو ڪندڙ هڪ پينل جو چوڻ هو ته هو نفسياتي نقصان جي درجه بندي تي به پورو نٿو لهي ۽ انهيءَ ڪري عدالت ڪيس خارج ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.