عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي مڪاني ادارن جي سيڪريٽري تي ڏنڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پيش نه ٿيڻ تي مڪاني ادارن جي سيڪريٽري تي 10 هزار رپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو.
عام واهپي جي شين جا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ بابت درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جسٽس عرفان سعادت چيو جيڪڏهن سيڪريٽري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته وارنٽ جاري ڪنداسين.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومتون ٻڌائين ته پرائسنگ ڪورٽس قائم ٿيڻ تي ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟
پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.